گئس ۽ توانائي، خاص طور تي بايو گيس جي موضوع تي آگاهي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو
ملير (عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ عالمي فورم EY پاران عالمي بينڪ جي تعاون سان گئس ۽ توانائي، خاص طور تي بايو گيس جي موضوع تي هڪ آگاهي ورڪشاپ منعقد ڪئي وئي.ورڪشاپ ۾ مختلف کاتن جي وزيرن، سرڪاري عملدارن، سول سوسائٽي جي نمائندن، توانائي جي ماهرن ۽ سماجي اڳواڻن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ورڪشاپ دوران، ماهرن بايو گيس جي اهميت، ان جي توانائي جي پيداوار، ماحولياتي تحفظ ۽ ملڪ جي معيشت تي مثبت اثرن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ان موقعي تي ورڪشاپ جي منتظمين ۽ شرڪت ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بايو گيس پاڪستان جي توانائي جي بحران کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، خاص طور تي سنڌ جهڙي صوبي ۾ جتي زرعي ۽ جانورن جي فضلي جو وڏو مقدار موجود آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي، مختلف سوالن جي جواب ۾، اي وائي جي نمائندي زهرا انڪ، ايس ايس جي سي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد امين راجپوت، ۽ توانائي جي ماهر ڊاڪٽر عبدالستار نظاماڻي چيو ته بايو گيس پروجيڪٽ نه رڳو ڪراچي پر سڄي سنڌ کي توانائي جا متبادل ذريعا فراهم ڪندا، جيڪو ماحول دوست ترقي کي فروغ ڏيندو.مقررين زور ڏنو ته حڪومت ۽ خانگي شعبي کي مقامي توانائي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ماحول جي حفاظت ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ بايو گيس منصوبن ۾ گڏيل طور تي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي.
0 تبصرے