سافڪو گراسپ پروجيڪٽ تحت امداد جو چوٿون مرحلو شروع ڪري ڇڏيو

امدد جي صحيح استعمال سان ڪاروبار وڌندو ۽ روزگار جا موقعا پيداٿيندا: سليمان جي ابڙو

سافڪو گراسپ پروجيڪٽ تحت امداد جو چوٿون مرحلو شروع ڪري ڇڏيو

حيدرآباد: سافڪو پاران يورپي يونين جي فنڊ انٽرنينشنل ٽريڊ سينٽر، خوراڪ ۽ زراعت بابت اقوام متحده جي تنظيم فائو، سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊولپمينٽ اٿارٽي، پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ جي شراڪت سان هلندڙ پروجيڪٽ ’گروٿ فار رورل ايڊوانسمينٽ اينڊ سسٽينيبل پروگريس‘ (گراسپ) تحت ميون، ڀاڄين ۽ چوپائي مال سان لاڳاپيل ننڍن ۽ وچولن ڪاروباري ادارن ۽ فردن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ مالي امداد ڏيڻ جو چوٿون مرحلو شروع ڪيو ويو آهي. هن نئين مرحلي ۾ وڌيڪ ٽن نَون ڪاروباري ادارن کي مجموعي طور 5 ڪروڙ روپين جي امداد مان پهرين قسط 2 ڪروڙ 20 لک 66 هزار 500 روپين جي رقم ڏني وئي. سافڪو هيڊ آفيس حيدرآباد ۾ ٿيل تقريب دوران گراسپ پراجيڪٽ تحت جن نَون ڪاروباري ادارن کي اها رقم ڏني وئي انهن ۾ فريش اينڊ روشن کي 42 لک 35 هزار 500، ايڇ ايم فوڊ کي 93 لک 31 هزار ۽ بايو انرجي ساليوشن کي 85 لک روپيا شامل آهي. ان موقعي تي سافڪو جي باني ۽ سربراهه ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو اميد ظاهر ڪئي ته امداد جي درست استعمال سان نه رڳو هي ادارا ترقي ڪندا پر ٻين ماڻهن لاءِ به روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ۽ اهڙي طرح ملڪي معيشت خاص ڪري ٻهراڙي جي معيشت ۾ بهتري ايندي. سافڪو جي ڊپٽي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ذيشان ميمڻ تقريب کي خطب ڪندي چيو ته هن امداد ذريعي ننڍن ۽ وچولن ڪاروبارن کي هٿي ڏئي انهن جي مالي حالت بهتر بنائڻ ۽ ڪاروباري صلاحيت وڌائڻ سان گڏوگڏ ڪاروبار ڪندڙن کي وڏن مارڪيٽن تائين رسائيءَ ۾ به مدد فراهم ڪئي ويندي.