English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
چنگي ٽيڪس تڪرار: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران توهين عدالت جا نوٽيس ختم
6 views
|
21st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ هاءِ ڪورٽ وزيراعليٰ سنڌ کي 30 ڏينهن ۾ معاملو حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي بينچ ۾ ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪاميٽي (TMC) ۽ ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي وچ ۾ کير ڏيندڙ جانورن (milching animals) تي ٽيڪس وصولي بابت هلندڙ توهين عدالت ڪيس جو فيصلو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عدالت پاران لاڳاپيل آفيسرن خلاف جاري ڪيل توهينِ عدالت جا نوٽيس ختم ڪري ڇڏيا ويا آهن عدالتي حڪم موجب ٻڌڻي دوران عدالت آڏو ظاهر ٿيو ته ڄامشوري ۾ ابراهيم حيدري ٽائون پاران ٽيڪس وصولي لاءِ لڳايل چيڪ پوسٽ جولاءِ 2025ع کان ڪم ڪري رهي هئي، جيڪا عدالت جي 21 آگسٽ 2025ع واري حڪم کان اڳ ئي قائم هئي.عدالت چيو ته، جيستائين وزيراعليٰ سنڌ هن معاملي تي فيصلو نٿو ڪري، تيستائين ٻنهي ٽائون ڪاميٽين مان ڪنهن کي به ٽيڪس وصولي جو حتمي حق نٿو ملي سگهي.جج جي حڪم موجب وزيراعليٰ سنڌ کي هدايت ڏجي ٿي ته هو ابراهيم حيدري ۽ ڄامشورو ٽائون ڪاميٽين وچ ۾ ٽيڪس وصولي جو معاملو 30 ڏينهن جي اندر حل ڪري.عدالت پنهنجي حڪم ۾ اڳي جاري ڪيل توهين عدالت جو نوٽيس ۽ آفيسرن جي معطلي وارو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي.عدالت ۾ درخواستگذار طرفان ايڊووڪيٽ رحمان قياني پيش ٿيا، جڏهن ته مبينا توهين ڪندڙ آفيسرن جي وڪيلن ۾ عبدالستار پيرزادو، خالد جاويد، مامون اين چودھري، الطاف حسين ۽ عمران خان ابڙو شامل هئا، جڏهن ته حڪومت سنڌ جي نمائندگي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل ڪئي.حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو ته، درخواستگذار اڳ ۾ به هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ ۾ ساڳئي چيڪ پوسٽ جي تنصيب خلاف پٽيشن داخل ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ کيس ڪا عبوري رليف حاصل نه ٿي آهي، تنهنڪري عدالت في الحال ڪنهن به ٽائون ڪاميٽي کي ترجيح ڏيڻ کان پاسو ڪندي معاملو انتظامي سطح تي حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شيخ حسينه واجد کي انسانيّت خلاف ڏوهه تي موت جي سزا: بنگلہ دیش جو تاريخي فيصلو..!!!
18th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
27 کانپوءِ 28 ترميم جي تياري سنڌ جي اختيارن تي نيون سازشون..؟؟
18th Nov 2025
•
پاکستان
اسموگ سے سانس کی بیماریاں پھیلنے کا خطرہ، قومی ادارہ صحت کا انتباہ
18th Nov 2025
•
سندھ
کراچی میں کار پر فائرنگ؛ ایک شخص جاں بحق، خاتون شدید زخمی
18th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شيخ حسينه واجد کي انسانيّت خلاف ڏوهه تي موت جي سزا: بنگلہ دیش جو تاريخي فيصلو..!!!
18th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
27 کانپوءِ 28 ترميم جي تياري سنڌ جي اختيارن تي نيون سازشون..؟؟
18th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سيوھڻ ڀرسان جتوئي ۽ پنجوٿا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل، 4 زخمي
18th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
جيڪب آباد ويجهو ڳوٺ نوازو جاگير ۾ نوجوان ناري مڙس هٿان مبينا قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
milching animals
ورٽ پاران توهين عدالت جا نوٽيس ختم
0 تبصرے