English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ ماھرن پاران ڊيٽا بنياد فيصلن جي اهميت تي زور
293 views
|
17th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊوڄام (رپورٽر) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو آهي ته زرعي، ماحولياتي ۽ سماجي-معاشي چئلينجز کي مؤثر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ پائيدار ترقي ۽ بهتر پاليسي سازي لاءِ ڊيٽا اينالٽڪس ۽ ڊجيٽل ٽرانسفارميشن جهڙا جديد اوزار استعمال ڪرڻ هاڻي اڻٽر ٿي ويا آهن، ھن ان قسم جو ڳالھيون سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ “ڊيٽافيسٽ 2025 — ترقي لاءِ ڊيٽا جي طاقت کي ڪتب آڻڻ” جي عنوان تحت ھڪ آگاهي سيمينار کي خطاب دوران ڪيون، هن زور ڀريو ته يونيورسٽين کي تحقيق توڙي پاليسي سازي ۾ ڊيٽا جي اثرائتي استعمال کي هٿي ڏيڻ گهرجي ته جيئن قومي ترقي جا هدف جديد بنيادن تي حاصل ڪري سگھجن، بيورو آف اسٽيٽسٽڪس پاڪستان جي صوبائي ڊائريڪٽر جنرل منور علي گھانگھري پنهنجي خطاب ۾ ثبوتن تي ٻڌل منصوبابندي ۽ پاليسي سازي ۾ صحيح ۽ قابلِ اعتماد ڊيٽا جي اهميت تي روشني وڌي، هن چيو ته حڪومت شمارياتي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ يونيورسٽين سان ڀائيواري وسيلي ڊيٽا لٽريسي ۽ تحقيقي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا آهن، ريجنل هيڊ علي ڏنو مهر ڊيٽافيسٽ 2025 جا مقصد، سرگرميون ۽ امڪاني نتيجا پيش ڪندي تفصيلي پريزينٽيشن ڏني، هن شاگردن، محققن ۽ پاليسي سازن کي ڊيٽا انوويشن، تحقيق ۽ عملي منصوبن ۾ حصو وٺڻ جي صلاح ڏني ته جيئن اڪيڊميا ۽ پاليسي سازي جي ادارن ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ٿي سگهن، سيمينار دوران عدنان مهمانن کي ڀليڪار ڪيو، ان موقعي تي ڊائريڪٽر يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ ۽ فنانشل اسسٽنس ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، پروفيسر غلام مجتبيٰ خشڪ، ڊاڪٽر ويِلو سوٽهڙ، ڊاڪٽر عرفان شيخ، استاد ۽ شاگردن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٽنڊوڄام
0 تبصرے