English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ ماھرن پاران ڊيٽا بنياد فيصلن جي اهميت تي زور
views
|
17th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊوڄام (رپورٽر) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو آهي ته زرعي، ماحولياتي ۽ سماجي-معاشي چئلينجز کي مؤثر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ پائيدار ترقي ۽ بهتر پاليسي سازي لاءِ ڊيٽا اينالٽڪس ۽ ڊجيٽل ٽرانسفارميشن جهڙا جديد اوزار استعمال ڪرڻ هاڻي اڻٽر ٿي ويا آهن، ھن ان قسم جو ڳالھيون سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ “ڊيٽافيسٽ 2025 — ترقي لاءِ ڊيٽا جي طاقت کي ڪتب آڻڻ” جي عنوان تحت ھڪ آگاهي سيمينار کي خطاب دوران ڪيون، هن زور ڀريو ته يونيورسٽين کي تحقيق توڙي پاليسي سازي ۾ ڊيٽا جي اثرائتي استعمال کي هٿي ڏيڻ گهرجي ته جيئن قومي ترقي جا هدف جديد بنيادن تي حاصل ڪري سگھجن، بيورو آف اسٽيٽسٽڪس پاڪستان جي صوبائي ڊائريڪٽر جنرل منور علي گھانگھري پنهنجي خطاب ۾ ثبوتن تي ٻڌل منصوبابندي ۽ پاليسي سازي ۾ صحيح ۽ قابلِ اعتماد ڊيٽا جي اهميت تي روشني وڌي، هن چيو ته حڪومت شمارياتي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ يونيورسٽين سان ڀائيواري وسيلي ڊيٽا لٽريسي ۽ تحقيقي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا آهن، ريجنل هيڊ علي ڏنو مهر ڊيٽافيسٽ 2025 جا مقصد، سرگرميون ۽ امڪاني نتيجا پيش ڪندي تفصيلي پريزينٽيشن ڏني، هن شاگردن، محققن ۽ پاليسي سازن کي ڊيٽا انوويشن، تحقيق ۽ عملي منصوبن ۾ حصو وٺڻ جي صلاح ڏني ته جيئن اڪيڊميا ۽ پاليسي سازي جي ادارن ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ٿي سگهن، سيمينار دوران عدنان مهمانن کي ڀليڪار ڪيو، ان موقعي تي ڊائريڪٽر يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ ۽ فنانشل اسسٽنس ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، پروفيسر غلام مجتبيٰ خشڪ، ڊاڪٽر ويِلو سوٽهڙ، ڊاڪٽر عرفان شيخ، استاد ۽ شاگردن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٽنڊوڄام
0 تبصرے