شڪارپور (احسان ابڙو)لاڙڪاڻو ڊويزن باڊي بلڊنگ اينڊ فٽنيس ايسوسيئيشن جي هڪ اهم گڏجاڻي ريجنل يوتھ ڊيولپمينٽ سينٽر شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر جناب شاهزيب اعواڻ جي نگراني هيٺ منعقد ٿي گڏجاڻي ۾ لاڙڪاڻو، قمبر، شهدادڪوٽ، ڪندڪوٽ، ڪشمور ۽ شڪارپور ضلعن جي باڊي بلڊنگ جي سينيئر استادن، نيشنل رانديگرن ۽ ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ گڏجاڻي دوران متفقه راءِ سان لاڙڪاڻو ڊويزن باڊي بلڊنگ اينڊ فٽنيس ايسوسيئيشن جي نئين باڊي سال 2025-26 چونڊي وئي، جنهن جا عهديدار ھيٺيان چونڊيا ويا: سرپرستِ اعلى: ڪليم الله لاشاري، چيئرمين: جميل احمد شيخ (فوڪل پرسن اسپورٽس)صدر: استاد عبدالوهـاب ڪاغذي (شڪارپور) سينيئر نائب صدر: استاد عبدالوهـاب شيخ (جیڪب آباد)نائب صدر I : ناصر علي بروهي (ڪندڪوٽ، ڪشمور) نائب صدر II: محمد حسين مشوري (لاڙڪاڻو) نائب صدر III: آغا زيد خان پٺاڻ (شڪارپور) نائب صدر IV: امجد علي جتوئي نائب صدر V: سيد ساجد علي شاه (لکِي) خاتون نائب صدر: ميڊم صفيه, سيڪريٽري جنرل: صابر حسين قريشي (لاڙڪاڻو) ايسوسيئيٽ سيڪريٽري اوّل: آغا شڪيل احمد خان (شڪارپور) اسوسيئيٽ سيڪريٽري دوئم: عمران علي قريشي خزانچي: افتخار رسول مھر ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ميمبران: درويش علي سنجراني، نڪاش لاڙڪ، محمد ثاقب پٺاڻ، آزاد علي، الطاف احمد چنو، محمد جميل شيخ، شاه جهان بٽو، سڪندر، سعيد احمد۔ چونڊيا ويا، جتي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر شڪارپور جناب شاهزيب اعواڻ نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته باڊي بلڊنگ ۽ فٽنيس جھڙيون رانديون نوجوانن کي صحتمند ۽ طاقتور بنائڻ ٿيون، ان موقعي تي ايسوسيئيشن جي اڳواڻن چيو ته راندين کي منظم ۽ متحد رکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇاڪاڻ تہ “صحت مند جسم ۾ ئي صحت مند دماغ هوندو آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسپورٽس جا نوجوان رانديگرن قوم جو سرمايو ۽ حقيقي سفير آهن، جن کي منشيات ۽ برائين کان بچائڻ لاءِ راندين ڏانهن راغب ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، اجلاس جي آخر ۾ اسپورٽس ۽ پاڪستان جي بقاءَ ۽ سلامتيءَ لاءِ دعائون گهريون ويون.
0 تبصرے