ڪورنگي پريس ڪلب جي 11ھين سالگرهه تقريب، مورڙو مير بحر ايوارڊ ڏنا ويا

11سالن دوران کوڙ ساريون تڪيلفون برداشت ڪيون پر ثابت قدم رھياسين: باني چيئرمين اوشاق ميراڻي

ڪورنگي پريس ڪلب جي 11ھين سالگرهه تقريب، مورڙو مير بحر ايوارڊ ڏنا ويا

تقريب ۾ ايم پي اي ساجد حسين مير ايم پي اي سردار حفيظ الله، ماجد سڪندر ملاح ۽ ٻيا شريڪ ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪورنگي پريس ڪلب جي يارھين سالگرهه ملهائي وئي جنهن ۾ مورڙو مير بحر ايوارڊ پڻ ڏنا ويا پريس ڪلب جي يارھن سالن جي دوران کوڙ ساريون تڪيلفون برداشت ڪيون ۽ ثابت قدم رھياسين باني چيئرمين اوشاق ميراڻي ، تفصيل موجب ڪورنگي پريس جي يارھين سالگره ڪورنگي جي نسيم شادي ھال ۾ پرجوش طريقي سان مھائي وئي جنهن ۾ ڪراچي جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ايم پي اي ساجد حسين مير ايم پي اي سردار حفيظ الل آل سنڌ ملاح فورم جي باني چيئرمين ماجد سڪندر ملاح ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته صحافي معاشري جي ٻي اک ھوندا آھن پر ڪجهه مفاد پرست ماڻهو صحافت جي روپ ۾ پيغمبري پيشي کي داغدار ڪري رھيا آھن انھن کي پنهنجي صفن مان ٻاهر ڪڍيو وڃي ته معاشري ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي گھٽ ۾ گھٽ حڪمرانن جي ڪرپشن تي ڪو ڪمپرومائز نه ڪجي جڏهن ڪرپشن کي منظر عام تي آندو وڃي ته ڪرپشن گھٽ ٿي ويندي جنهن جو فائدو عام ماڻهو کي ملندو، تقريب کي خطاب ڪندي ڪورنگي پريس کي باني مير اوشاق ميراڻي چيو ته پريس ڪلب جي يارھن سالن جي سفر ۾ تمام گهڻي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو جنهن ۾ لساني پارٽين طرفان دٻائو چوڻڊيل نمائندن جي ڪرپشن وائکي ڪرڻ تي ڪوڙا ڪيس ۽ گرفتاريون ڀوڳيون پوليس ۽ رينجرس جي اڻوڻندڙ روين سميت صحافت جي آڙ ۾ لڪل قبضه خور مخالف ٽولن سان به مھاڏو اٽڪايو پر الحمداللہ اڄ به حق سچ جي راهه تي ثابت قدم بيٺل آهيون ۽ مورڙي مير بحر جي مائي ڪلاچي جي ڪورنگي مان مسڪين ماڻهن جو آواز بڻيل آهيون ۽ رھندا سين، تقريب ۾ صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ۾ مورڙو مير بحر ايوارڊ پڻ ڏنا ويا