ملير: ميمن گوٺ پوليس هٿان سماجي اڳواڻ سليم جي ميمڻ جا ڀائر گرفتار

ايس ايچ او طرفان انتقامي ڪارروائي ڪري ڀائرن جي تذليل ڪئي ويئي آهي: سليم جي ميمڻ

ملير: ميمن گوٺ پوليس هٿان سماجي اڳواڻ سليم جي ميمڻ جا ڀائر گرفتار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي نالي واري سماجي اڳواڻ ۽ پپلز پيراميڊيڪل ونگ ضلعي ملير جي سينيئر اڳواڻ ايم سليم جي ميمن جي ڀائر وسيم جي ميمن ۽ زبير ميمن کي ايس ايچ او مراد ميمن گوٺ جاويد ابڙوءِ بنا ڪنهن جواز جي بازار مان گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ بند ڪري ڇڏيو علاقائي واسين موجب ٻئي ڀائر پنهنجي فروٽ جي دڪان تي ويٺل هئا جڏهن پوليس موبائيل پهتي ۽ ايس ايچ او کين حراست ۾ وٺي بازار ۾ تذليل ڪرڻ بعد ٿاڻي منتقل ڪيو واقعي جي خبر ملندي ئي سليم جي ميمن ٿاڻي پهچي ويو ۽ ايس ايچ او جي غيرقانوني عمل خلاف سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي ٿاڻي ۾ موجود هيڊ محرر فياض احمد جوکيو مداخلت ڪندي فوري طور معاملو حل ڪيو ۽ ٻنهي کي آزاد ڪرايو بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سليم جي ميمن چيو ته هو ان زيادتي تي سخت احتجاج ڪري ٿو ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمن، ملير جا چونڊيل نمائندا ۽ اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪري ٿو ته فوري نوٽيس وٺي ايس ايچ او جاويد ابڙوءِ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي،.