English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران موسمياتي انصاف جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي
views
|
16th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڪورنگي ڪريڪ ائير بيس جي مين گيٽ کان مل جيٽي ابراهيم حيدري تائين ريلي ڪڍي وئي، عورتون به شريڪ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران موسمياتي انصاف، ناجائز قرض جي منسوخي ۽ قرض بابت گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن جي گهر لاءِ وڏي ريلي ڪڍي ويئي، جنهن ۾ ماهيگير عورتن ۽ مردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ريلي ڪورنگي ڪريڪ ائير بيس جي مين گيٽ کان شروع ٿي ۽ مل جيٽي ابراهيم حيدري تي ختم ٿي. ريلي کي خطاب ڪندي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ چيو ته عالمي مالي ڍانچي تي امير ملڪن جو غلبو آهي، جڏهن ته غريب ملڪن کي رڳو قرض وٺڻ ۽ سود ڀرڻ جي اذيت ۾ جڪڙيو ويو آهي. هن چيو ته هڪ اهڙي مالي نظام جي ضرورت آهي جيڪو عدم مساوات کي گهٽائي مالي استحڪام پيدا ڪري ۽ موسمياتي تبديلي لاءِ مناسب مالي سهڪار فراهم ڪري، پر امير ملڪن غيرمنصفاڻو نظام اختيار ڪيو آهي.سول سوسائٽي جون تنظيمون ۽ تحريڪون به ناجائز ۽ غيرپائيدار قرضن جي منسوخي لاءِ آواز اٿاري رهيون آهن ۽ گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن ذريعي شفاف ۽ جمهوري طريقيڪار تي زور ڏئي رهيون آهن. رپورٽن موجب، رڳو سال 2022ع ۾ ترقي پذير ملڪن پنهنجن ٻاهرين قرض ڏيندڙن کي قرض ۽ سود جي ادائگين کان وڌيڪ 49 ارب آمريڪي ڊالر ادا ڪيا. پاڪستان IMF ۽ ورلڊ بئنڪ جي قرضن ۾ جڪڙيل آهي، جيڪي ملڪ کي ٽيڪسن ۾ واڌ ۽ سرڪاري ادارن جي نجيڪاري لاءِ مجبور ڪن ٿا، جنهن جي ڪري مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آهي.مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ايوب شان خاصخيلي چيو ته بين الاقوامي ٽيڪس جو نظام مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي، جيڪو OECD جي امير ملڪن جي ڪلب ٺاهي ڇڏيو آهي. هي نظام عوامي خدمتن، ترقي، انساني حقن، صنفي برابري ۽ موسمياتي انصاف لاءِ ضروري وسيلن جي فراهمي ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي ٽيڪس ڪنوينشن تي ڳالهين جي ناڪامي کانپوءِ هاڻي سڀني رڪن ملڪن کي ايمانداري سان هڪ مضبوط فريم ورڪ ڪنوينشن تي ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ گهرجي.پي ايف ايف ڪراچي جي صدر مجيد موتاڻي چيو ته گڏيل قومن جو ماحولياتي ڪنوينشن امير ملڪن کي پابند ڪري ٿو ته هو موسمياتي بحران جا ذميوار آهن، جن جي نتيجي ۾ ترقي پذير ملڪن ۾ ٻوڏ ۽ طوفانن جا نقصان وڌيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ امير ملڪن کي پاڪستان سميت سڀني غريب ملڪن جا قرض ختم ڪري، موسمياتي نقصانن لاءِ مالي سهائتا مهيا ڪرڻ گهرجي.پي ايف ايف ڪراچي جي سيڪريٽري طالب ڪچهي چيو ته قرض پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ڇوتہ ملڪ IMF ۽ ورلڊ بئنڪ جي قرضن جي چڪر مان نڪري ئي نٿو سگهي. تنهنڪري اسان ناجائز قرضن جي منسوخي لاءِ روڊن تي نڪري آيا آهيون. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ عورتن ۽ مردن نعرن ۾ مطالبو ڪيو ته عوام کي خوشحال ۽ بهتر زندگي لاءِ سڀ سهولتون مهيا ڪيون وڃن ۽ دنيا جي سڀني غريب ملڪن جا قرض معاف ڪيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل باڊي جو صدر بلاول سمون جي صدارت ۾ اجلاس, مختلف پروگرام ڪرائڻ بابت غور ويچار
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ عالمي مجلس تحفظ ختمِ نبوت جي اهتمام هيٺ شاهه ٽائون ۾ ختمِ نبوت ڪانفرنس
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور جي اديبن ۽ صحافين طرفان اسلامي مرڪز دارالقرآن جو دورو
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
27هين آئيني ترميم ملڪ ۾ ننگي ڊڪٽيٽرشپ جو اعلان آهي: وسند ٿري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم
0 تبصرے