ڳوٺ جمعو نوريو ۾ لنجار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران اوشاق لنجار قتل
مورو (جاني جماڻي) مورو ڀرسان حد درس ٿاڻي جي ڳوٺ جمعو نوريو ۾ لنجار برادري وچ ۾ فصل جي ڀيل تان جھيڙو جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 25 سالا نوجوان نالي اوشاق علي ولد حسين بخش قتل ٿي ويو جنھن کي وارثن پاران مورو اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي انھي موقعي تي فوتي جي وارثن ميڊيا اڳيان ٻڌايو ت اسان جي زمين تي اسان جا ويجھا عزيز فصلل جي ڀيل ڪري رھيا ھئا منع ڪرڻ تي اسان مٿان گوليون ھلائي اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آھي جڏھن ت گوليون ھلائندڙ نالي بھاول لنجار ؛ عارف لنجار ؛ عباس لنجار ؛ گلشير لنجار ؛ جبار لنجار گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو آھي ھنن مطالبو ڪيو آھي ت اسان جي نوجوان کي قتل ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي
0 تبصرے