نوشهروفيروز(ڊ ر)شھيد بينظير آباد ڊويزن جي ڪمشنر شهمير خان ڀٽو پاران اڄ ضلعي نوشهروفيروز اندر جاري پوليو خلاف مهم جي ٽئين ڏينهن دوران مختلف علائقن جو دورو ڪيو۔ ان موقعي تي ايڊيشنل ڪمشنر سيد عمار حسين، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم، عالمي ادارہ صحت (WHO) جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر جهانگير ڪورائي، ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو، اي پي آئِي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالستار بلال ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر ساڻس گڏ هيا۔ دوري دوران ڪمشنر شھيد بينظير آباد شهمير خان ڀٽو پاران سول اسپتال مورو جو دورو ڪري اتي قائم پوليو مهم جي فڪس سينٽر جو جائزو ورتو ۽ ويڪسين جي ٿڌاڻ (Cold Chain) جو معائنو ڪيو۔ ان کان پوءِ ڪمشنر صاحب سول اسپتال مورو جي مختلف شعبن، جن ۾ او پي ڊي، اي پي آئِي، ليبارٽري، ايڪسري، وارڊز ۽ ٻيا لاڳاپيل شعبا شامل هئا، جو تفصيلي جائزو ورتو۔ هن ڊاڪٽرن ۽ مريضن سان ڳالهه ٻولهه ڪري اسپتال ۾ طبي سهولتن جي فراهمي بابت بريفنگ حاصل ڪئي۔ بعد ۾ ڪمشنر ٽول پلازه مورو تي قائم ٽرانزٽ پوائنٽ جو معائنو ڪيو، جتي هن پوليو مهم تحت ٻارن کي فراهم ڪيل پوليو قطرن جي عمل جو جائزو ورتو۔ ڪمشنر شھيد بينظير آباد ڊويزن سول اسپتال نوشهروفيروز جو دورو ڪندي اتي قائم پوليو مهم جي فڪس سينٽر جو پڻ معائنو ڪيو ۽ اسپتال جي مختلف شعبن جو جائزو ورتو۔ ان موقعي تي ڪمشنر پاران ڊاڪٽرز کي ھدايت ڪئي ته اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي بھترين طبي سهولتون فراھم ڪيون وڃن، جيئن عوام کي علاج ۽ معالج جون بھتر سهولتون وقت سر معياري انداز ۾ ملي سگھن .
0 تبصرے