وڏي وزير جي خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍو پاران ملير ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ شرڪت، ٻارڙن کي ڦڙا پيئاريا

وڏي وزير جي خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍو پاران ملير ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ شرڪت، ٻارڙن کي ڦڙا پيئاريا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ جي انساني حقن بابت خاص مددگار راجوير سنگھ سوڍا ملير ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي سليم الله اوڍو، سندس ٽيم ۽ ڪوآرڊينيٽر نازيا ناز کيس ضلعي ۾ جاري پوليو مهم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، بريفنگ دوران ويڪسين جي شرح، پوليو ڪيسن جي صورتحال ۽ انهن خاندانن بابت تفصيل ٻڌايا ويا، جيڪي پوليو جا قطرا پيارائڻ کان انڪار ڪري رهيا هئا، بريفنگ کان پوءِ خاص مددگار براءِ انساني حقن، ڊپٽي ڪمشنر، انساني حقن کاتي جي آفيسرن، فيلڊ اسٽاف، ڊي ايس پي، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊاڪٽرن سان گڏ انهن علائقن جو دورو ڪيو، جتي پوليو ويڪسين بابت انڪار جا ڪيس سامهون آيا هئا، ٽيم گهر گهر وڃي ماڻهن سان ملي، سندن خدشا ٻڌا ۽ کين قائل ڪري مهم ۾ حصو وٺڻ لاءِ راضي ڪيو، خاص مددگار پاڻ به گهر گهر وڃي پوليو جا قطرا پيارائڻ واري مهم ۾ شامل ٿيو ۽ سندس ڪوششن سان 20 کان وڌيڪ انڪاري ڪيس حل ٿيا، جتي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا قطرا پياريا ويا، وزيراعليٰ سنڌ جي خاص مددگار، ڊپٽي ڪمشنر ملير، انتظامي ٽيم ۽ فرنٽ لائين پوليو ورڪرن جي محنت ۽ خدمت کي ساراهيو ۽ کين خراجِ تحسين پيش ڪيو۔ ان موقعي تي خاص مددگار راجوير سنگھ سوڍا چيو ته پوليو کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ سماج جي هر فرد جو ڪردار اهم آهي، هي جدوجهد تڏهن ڪامياب ٿي سگهي ٿي، جڏهن سڀ ماڻهو گڏجي، تسلسل سان، همدردي ۽ فرض شناسي سان ڪم ڪن۔ حڪومت سنڌ جو عزم آهي ته گڏيل ۽ سنجيده ڪوششن سان صوبي کي پوليو کان پاڪ بڻايو ويندو...