English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وڏي وزير جي خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍو پاران ملير ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ شرڪت، ٻارڙن کي ڦڙا پيئاريا
175 views
|
15th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ جي انساني حقن بابت خاص مددگار راجوير سنگھ سوڍا ملير ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي سليم الله اوڍو، سندس ٽيم ۽ ڪوآرڊينيٽر نازيا ناز کيس ضلعي ۾ جاري پوليو مهم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، بريفنگ دوران ويڪسين جي شرح، پوليو ڪيسن جي صورتحال ۽ انهن خاندانن بابت تفصيل ٻڌايا ويا، جيڪي پوليو جا قطرا پيارائڻ کان انڪار ڪري رهيا هئا، بريفنگ کان پوءِ خاص مددگار براءِ انساني حقن، ڊپٽي ڪمشنر، انساني حقن کاتي جي آفيسرن، فيلڊ اسٽاف، ڊي ايس پي، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊاڪٽرن سان گڏ انهن علائقن جو دورو ڪيو، جتي پوليو ويڪسين بابت انڪار جا ڪيس سامهون آيا هئا، ٽيم گهر گهر وڃي ماڻهن سان ملي، سندن خدشا ٻڌا ۽ کين قائل ڪري مهم ۾ حصو وٺڻ لاءِ راضي ڪيو، خاص مددگار پاڻ به گهر گهر وڃي پوليو جا قطرا پيارائڻ واري مهم ۾ شامل ٿيو ۽ سندس ڪوششن سان 20 کان وڌيڪ انڪاري ڪيس حل ٿيا، جتي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا قطرا پياريا ويا، وزيراعليٰ سنڌ جي خاص مددگار، ڊپٽي ڪمشنر ملير، انتظامي ٽيم ۽ فرنٽ لائين پوليو ورڪرن جي محنت ۽ خدمت کي ساراهيو ۽ کين خراجِ تحسين پيش ڪيو۔ ان موقعي تي خاص مددگار راجوير سنگھ سوڍا چيو ته پوليو کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ سماج جي هر فرد جو ڪردار اهم آهي، هي جدوجهد تڏهن ڪامياب ٿي سگهي ٿي، جڏهن سڀ ماڻهو گڏجي، تسلسل سان، همدردي ۽ فرض شناسي سان ڪم ڪن۔ حڪومت سنڌ جو عزم آهي ته گڏيل ۽ سنجيده ڪوششن سان صوبي کي پوليو کان پاڪ بڻايو ويندو...
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهدادپور ڀرسان ڳوٺ کٻڙ کاهو واسين جو پي پي ايل انتظاميه ۽ بااثرن خلاف ڌرڻو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ پرائمري استاد جو ناٺي خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
وڏي وزير جي خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍو
0 تبصرے