ڊي سي ڄامشورو پاران پوليو مهم جو جائزو، ٽارگيٽ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون

ڊي سي ڄامشورو پاران پوليو مهم جو جائزو، ٽارگيٽ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون

ڄامشورو (رپورٽر) ضلعي ڄامشورو ۾ ڪالهه 13 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ پوليو کان بچاءُ واري مهم جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري صبح ڊي ايچ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي جي اسيمبلي ۾ پهتو، جتي هن ڪوٽڙي يوسي نانگولين ۽ يوسي ايچ ايم شورو جي پوليو ورڪرن سان ملاقات ڪري کين هدايت ڪئي ته پوليو مهم دوران پنجن سالن تائين جي عمر وارن سمورن ٻارن کي پوليوکان بچاءُ وارا ڦڙا باقاعدگي سان پياريا وڃن ته جيئن ضلعي ۾ ڪو به ٻار پوليو ڦڙن جي پيئڻ کان محروم نه رهي _بعد ۾ ڊي سي ڄامشورو غضنفر علي قادري ڄامشورو لمس اسپتال جي ويجهو لاڏائو ٻارن کي پڻ پوليو جا ڦڙا پيارڻ واري عمل جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي خاص هدايتون ڪيون ته مهم دوران لڏپلاڻ ڪندڙ ۽ نون آبادين جي تازن ڄاول ٻارن کي به پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن جڏهن ته هن  صحت کاتي جي عملدارن کي هدايتون ڪيون ته پوليو مهم جو مقرر ڪيل حدف هر صورت ۾ وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو_دوري دوران ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر پير منظوراحمد ،  اين اسٽاف آفيسر ڊاڪٽر ڪليم شيخ سميت صحت، روينيو، پوليو ورڪرز، پوليس ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.