ٺٽي ۾ صوبائي وزير رياض شاهه شيرازي جي سالي جي گاڏي تي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

هٿياربندن جي اظهار شاهه شيرازي جي گاڏي تي فائرنگ دوران سندس ملازم راول ملاح مارجي ويو

ٺٽي ۾ صوبائي وزير رياض شاهه شيرازي جي سالي جي گاڏي تي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي)ٺٽي شهر ۾ سجاول جي اڳوڻي تعلقي ناظم اڪرم شاھ شيرازي جي پٽ ۽ صوبائي وزير رياض حسين شاھ شيرازي جي سالي اظهار شاھ شيرازي جي گاڏي تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان راول ملاح جي جنازي نماز سيدپور ۾ ادا ڪئي وئي۔جنازي نماز ۾ شيرازي گروپ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم شفقت حسين شاھ شيرازي، قومي اسيمبلي ميمبر اياز علي شاھ شيرازي، صوبائي وزير رياض حسين شاھ شيرازي، اڳوڻو ايم پي اي امير حيدر شاھ شيرازي، تنوير شاھ شيرازي، اظهار شاھ شيرازي سميت وڏي تعداد ۾ شيرازي برادران جا حامي ۽ ووٽر شريڪ ٿيا۔نوجوان راول ملاح کي آلين اکين سان سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو۔ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، شيرازي برادران سان ٽيليفون تي رابطو ڪري واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا ۽ نوجوان راول ملاح جي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو۔وڏي وزير قاتلن جي فوري گرفتاري لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايتون جاري ڪيون۔ٻئي پاسي ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو ٺٽو پهچي فائرنگ واري واقعي جو تفصيلي جائزو ورتو۔هن ايس ايس پي ٺٽو فاروق بجاراڻي سان گڏ شيرازي هائوس ٺٽو جو دورو ڪيو، جتي هن اڳوڻي ضلعي ناظم شفقت حسين شاھ شيرازي، صوبائي وزير رياض حسين شاھ شيرازي ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪئي۔ڊي آءِ جي اظهار شاھ شيرازي سان به ملاقات ڪري واقعي بابت معلومات حاصل ڪئي۔ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو چيو ته:"هي واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ بدمعاشي تي ٻڌل عمل آهي۔ جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو۔"هن وڌيڪ چيو ته هو ذاتي طور ٺٽو ان لاءِ آيو آهي ته جيئن جوابدارن جي گرفتاري کي يقيني بڻائي سگهجي۔"ڪجهه جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مک جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔ جيڪڏهن اهي هٿ نه آيا ته انهن جي وڏن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔"ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو چيو ته جوابدارن کي هر صورت ۾ ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو۔ان سان گڏ هن حيدرآباد ڊويزن ۾ منشيات خلاف وڏي پيماني تي نئين مهم شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪيو۔هن چيو ته نوجوانن ۾ وڌندڙ منشيات جي رجحان کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا۔