English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ سوئي سدرن گيس انتظاميا جو آپريشن، مزاحمت، پوليس آفيسر زخمي، ڪيترا ئي گرفتار
241 views
|
09th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ٽيم پاران غيرقانوني ڪنيڪشنن خلاف آپريشن دوران علائقي واسين پاران مزاحمت ڪئي وئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي شاهه لطيف ٽائون واري علائقي ۾ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ٽيم غيرقانوني گيس ڪنيڪشن خلاف آپريشن ڪيو ته علائقائي رهواسين سخت مزاحمت شروع ڪري ڏني مزاحمت دوران هنگامي صورتحال پيدا ٿي وئي، پٿراءُ ۽ فائرنگ جا واقعا ٿيا جنهن جي نتيجي ۾ پوليس جو هڪ آفيسر زخمي ٿي پيو.ذريعن موجب، سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ٽيم غيرقانوني ڪنيڪشن ڪٽڻ لاءِ پهتي هئي، جنهن تي رهواسين آپريشن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. مڇريل ماڻهن آپريشن ٽيم ۽ پوليس تي پٿراءُ ڪيو ۽ هوائي فائرنگ پڻ ڪئي. صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليس لاٺي چارج ۽ فائرنگ ڪري هجوم کي منتشر ڪري ڇڏيو واقعي دوران علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، مارڪيٽون ۽ دڪان بند ٿي ويا. زخمي پوليس آفيسر کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس حالت خطري کان ٻاهر قرار ڏني پوليس جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران ڪيترائي غيرقانوني ڪنيڪشن ختم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪري سندن خلاف مقدمو داخل ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف رهواسين جو مؤقف آهي ته گيس ڪمپني بنا اطلاع ۽ متبادل بندوبست اچانڪ آپريشن ڪيو، جنهن سبب ڇڪتاڻ پيدا ٿي پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته صورتحال تي مڪمل طور تي ضابطو آڻي علائقي ۾ امن امان بحال ڪيو ويو آهي، پر ڇڪتاڻ جي سبب پوليس جي ڳري نفري تائين علائقي ۾موجودرهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
شاهه لطيف ٽائون واري
0 تبصرے