English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: ڪسٽم اهلڪار ظاهر ڪري مڪلي واسي شهري اغوا بعد بازياب، هڪ ڄڻو سوگهو
140 views
|
08th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جوابدارن جو پيڇو ڪري عبدالستار ڪوريجو کي بازياب ڪرائي حفيظ ڀرٽ کي پڪڙي ورتو: شهري
ٺٽو ( شفيق ڀٽي) ٺٽي کان ڪراچي ۽ سجاول توڙي حيدرآباد روڊ تي پاڻ کي ڪسٽم ۽ ايڪسائيز اهلڪار ظاهر ڪري گاڏي وارن کي کنڀي ڦرلٽ ڪندڙ ٽولي جو مُک جوابدار سڳ سوڌو گرفتار, مڪلي واسي هڪ شھري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي شھرين جوابدار حفيظ ڀرٽ کي ڪار سميت پڪڙي مڪلي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، مڪلي پوليس ڊسمس ٿيل پوليس جي اهلڪار حفيظ ڀرٽ سميت 6 جوابدارن خلاف عبدالستار ڪوريجو کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا، تفصيل موجب گذريل رات دير سان مڪلي جي هڪ هوٽل تي ويٺل مڪلي واسي عبدالستار ڪوريجو قاسم ميربحر ۽ ٻين کي ڪسٽم اهلڪار سڏرائيندڙ حفيظ ڀرٽ ۽ سندس ساٿين کنڀي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ عبدالستار ڪوريجو کي زبردستي هٿيارن جي زور تي ڪار ۾ وجهي اغوا ڪري وڃڻ لڳا ته سندس دوستن ۽ شھرين مزاحمت ڪري وڌي، بروقت اطلاع ملڻ تي مڪلي پوليس پهچي شھرين جي مدد سان مغوي عبدالستار ڪوريجو کي بازياب ڪرائي ورتو بروقت گينگ جو مک جوابدار حفيظ ڀرٽ کي گرفتار ڪري ڪار به تحويل ۾ ورتي وئي، حفيظ ڀرٽ جو ٻيو اهم ساٿي عبدالرزاق کوسو ۽ سندس چار نامعلوم گينگ جا جوابدار فرار ٿي ويا مڪلي ٿاڻي تي باضابطه ڪيس به داخل ڪيو ويو، حفيظ ڀرٽ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ ايس ايس پي آفيسن ۾ ڪلرڪ طور ملازمت ڪندڙ ھو جنهن کي ڪجھ عرصو اڳ نوڪري تان ڊسمس ڪيو ويو, حفيظ ڀرٽ هڪ گينگ ٺاهي ٺٽي ڪراچي حيدرآباد ۽ ٻين روٽن تي ڪڏھن ڪسٽم جا اهلڪار ته ڪڏھن وري ايڪسائيز ۽ ٻين ادارن جا اهلڪار ظاهر ڪري مختلف ٽرانسپورٽرن ۽ گاڏين جي ڊرائيورن کي روڪي جاچ جي نالي تي کنڀي اغوا ڪري وڏي رقم اوڳاڙيندا رهيا آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
ٺٽو: ڪسٽم اهلڪار ظاهر ڪر
0 تبصرے