English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ اقليتن سان ناانصافي خلاف احتجاجي مظاهرو، حڪومت کان ڪوٽا وڌائڻ جو مطالبو
57 views
|
03rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
مظاهري جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي، ويٽنگ ۾ ويٺل اميدوارن ڪيلاش، لالجي، چوئٿرام، پون، چندر ۽ ٻين ڪئي
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) سنڌ پوليس ۾ ڀرتي جي مرحلي SPD:01 دوران اقليتن سان ٿيل مبينا ناانصافي خلاف عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سان گڏ ويٽنگ ۾ ويٺل اميدوارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، مقررِين جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ اقليتن کي هميشه نظرانداز ڪيو ويندو رهيو آهي، جڏهن ته سرڪاري ادارن ۾ اقليتي نوجوانن لاءِ مختص ڪيل ڪوٽا موجود هوندي به ان تي مڪمل عمل نٿو ڪيو وڃي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته اقليتي برادري جا تعليم يافته ۽ حقدار نوجوان بيروزگار پيا رهن، جيڪي ناانصافيءَ جو شڪار آهن، مظاهري جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي، ويٽنگ ۾ ويٺل اميدوارن ڪيلاش، لالجي، چوئٿرام، پون، چندر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪومت فوري طور اقليتي ڪوٽا ۾ اضافو ڪري ۽ SPD:01 ۾ ٿيل مبينا ناانصافين جو جائزو وٺي، ته جيئن اقليتن سان ٿيل ڏک ختم ٿي سگهي، هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت هن اهم معاملي تي نوٽيس نه ورتو ته احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪَ سخت ڪيو ويندو ۽ ان کي پوري صوبي ۾ وڌايو ويندو، مقررِين مطالبو ڪيو آهي ته، اقليتي ڪوٽا وڌائي وڃي، SPD:01 جي ڀرتين ۾ ٿيل مبينا ناانصافين جو ازالو ڪيو وڃي، حقدار اقليتي اميدوارن کي فوري طور نوڪرين ۾ شامل ڪيو وڃي، مقررِين وڌيڪَ چيو ته اقليتي نوجوان ملڪ جو سرمايو آهن ۽ کين نظرانداز ڪرڻ قومي ناانصافي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
سنڌ پوليس ۾ ڀرتي جي
عمرڪوٽ ۾ اقليتن سان
0 تبصرے