English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ڦر دوران مزاحمت تي پوليس جو اي ايس آءِ شهيد، مقابلي ۾ مبينا جوابدار مارجي ويو
40 views
|
30th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڀينس ڪالوني جي روڊ 9 وٽ ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪري اي ايس آءِ قيصر علي کي شهيد ڪري ڇڏيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي جي علائقي ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 09 تي نامعلوم هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري هڪ پوليس اهلڪار شهيد ڪري ڇڏيو پوليس ذريعن موجب گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪار ڪورنگي ٿاڻي ۾ مقرر هو حملي آور موٽر سائيڪل تي سوار هئا ۽ فائرنگ بعد فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي ۽ علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪيو شهيد اهلڪار جي سڃاڻپ 55 ورهين جي اي ايس آءِ قيصر علي ولد دوست محمد جي نالي سان ٿي، جنهن کي شديد زخمي حالت ۾ ايمبولنس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمَن جي تاب نه آڻي شهيد ٿي ويو. پوليس عملدارن واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن موجب شهيد اهلڪار جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو ۽ کيس پوليس اعزاز سان سپردِ خاڪ ڪيو ويندو ترجمان ڪراچي پوليس شهيد اهلڪار جي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي واقعي جي سببن جي جاچ لاءِ اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. ٻئي پاسي پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي ٻي طرف ٿاڻو سُڪڻ جي حدن روڊ نمبر 10 تي پراڻو ڪميلا وٽ پوليس گرفتار ملزم حسيب ولد عطا محمد جي نشاندهي تي سندس ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو. پوليس پارٽي کي ڏسي ملزم جي ساٿين انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ اڳ ۾ گرفتار ٿيل ملزم حسيب سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ دوران ٻيا ملزم فرار ٿي ويا. زخمي ملزم حسيب کي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هن رستي ۾ دم ڏنو. پوليس موجب فوتي جوابدار حسيب ساڳئي ڏينهن ڦر دوران اي ايس آءِ قيصر علي کي شهيد ڪرڻ ۾ ملوث هو. واقعي واري هنڌان هڪ پسٽل ۽ گوليون به هٿ ڪيون ويون ترجمان پوليس موجب هلاڪ ٿيل ملزم اڳ به اسٽريٽ ڪرائيمز ۽ ڊڪيتين ۾ ملوث رهيو آهي ۽ سندس وڌيڪ ڪيسن بابت مختلف ٿاڻن مان ريڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته فرار ٿيل ساٿين جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور پريس ڪلب جي چونڊ، عبدالسلام انڙ صدر چونڊجي ويو
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
کراچی - ماضی کے حقائق اور روشن مستقبل کی بنیاد
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
کراچی: تاریخی حقائق، مقامی محنت اور روشن مستقبل کی بنیاد
23rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی کلب کے سالانہ انتخابات کل ہونگے،دوپینلز میں سخت مقابلہ متوقع
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي ھائير سيڪنڊري اسڪول ون ۾ قائدِ اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن تي تقريب
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول جي ڪاليج گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ. فائنل ۾ صوفي شاهه عنايت ڪلب هٿان بخاري ڪلب کي شڪست
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پپريءَ طرفان ثقافتي مشاعري جي عنوان هيٺ شاندار تقريب
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۽ غريب آباد جي رهواسين جو گندگي ۽ گٽر جي پاڻي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
0 تبصرے