English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڌاٻيجي مان پراسرار نموني گم ٿي ويل ٻن مان هڪ نوجوان جي گرفتاري ظاهر
69 views
|
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ ڪراچي قربان خاصخيلي کي سٽي ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو
ٺٽو(ڊ ر)5 ڏينهن اڳ ڌاٻيجي مان پراسرار نموني گم ٿي ويل ٻن نوجوانن مان هڪ نوجوان قربان خاصخيلي کي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ ڪراچي جي پوليس سٽي ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو سندس ٻئي دوست رياض ناهيو کي ظاهر نه ڪيو ويو, وارثن پاران گهارو واسي نوجوان رياض ناهيو کي جاني نقصان رسائڻ جو خدشو ظاهر . تفصيلي خبر موجب گهارو واسي ايس ٽي پي اڳواڻ عمر ناهيو ۽ صحافي محمد علي ناهيو جو ڀاءُ رياض ناهيو پنهنجي دوست مڪلي واسي قربان خاصخيلي سان گڏ 5 ڏينهن اڳ ڌاٻيجي ڀرسان پراسرار نموني گم ٿي ويا هئا سندن موبائيل فون اسٽيل ٽائون ٿاڻي ڪراچي جي حد ۾ بند ٿي ويا هئا نوجوانن جي وارثن توڙي سياسي سماجي ڌرين پاران سڀاڻي کان سندن بازيابي لاء احتجاجي تحريڪ جي اعلان کانپوء اڄ اوچتو رياض ناهيو سان گڏ گم ٿي ويل مڪلي واسي نوجوان قربان خاصخيلي کي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ ڪراچي جي پوليس مبينا پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪري سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ پيش ڪري ڇڏيو جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت پوليس مقابلي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ ڪيس ۾ پيش ڪيل نوجوان مڪلي واسي قربان خاصخيلي کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو ٻئي نوجوان رياض ناهيو جو ڪوبه پتو پئجي نه سگهيو وارثن پاران کيس پوليس مقابلي ۾ نقصان رسائڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڌاٻيجي مان پراسرار نموني گم ٿي ويل ٻن نوجوانن مان هڪ
يونٽ ڪراچي قربان خاصخيلي
0 تبصرے