شڪارپور ۾ انساني حقن جي وفد جي بدعلي جو شڪار ٿيل نينگر جي والد سان ملاقات

پرويز ابڙو ۽ نسيم بخاريءَ پاران متاثر نينگر جي والد سان ملاقات ڪري هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي

شڪارپور ۾ انساني حقن جي وفد جي بدعلي جو شڪار ٿيل نينگر جي والد سان ملاقات

شڪارپور ( احسان ابڙو ) انساني حقن جي وفد جي شڪارپور ۾ مدرسي اندر زيادتي جو شڪار نينگر جي والد سان ملاقات، جيڪڏهن ٿڏي تي نه پھچان ھان ته جوابدار زيادتي کانپوءِ منھنجي نينگر کي ماري ڇڏي ھان. نينگر جي والد جو بيان، ھيومن رائيٽس ڊفيندرس نيٽورڪ جي ڪنوينر ۽ ھيومن رائيٽس ڪميٽي ڊسٽرڪٽ شڪارپور جي فوڪل پرسن پرويز ابڙو ۽ ھيومن رائيٽس ڊفيندرس نيٽورڪ جي ڪور ڪميٽي ميمبر نسيم بخاريءَ پاران ڪجھ ڏينهن اڳ شڪارپور اسٽور گنج ٿاڻي جي حد ٺاروپور محلا جي مدرسي ۾ پھرين ڪلاس جي شاگرد 7 سالن جي معصوم ٻارڙي محمد علي لوڊري سان مولوي رياض بروھي پاران جنسي ڏاڍائي واري واقعي جي پس منظر ۾ وڌيڪ وچور وٺڻ ۽ گھڻ رخي سھڪار جي حوالي سان متاثر نينگر جي پورهيت پي ضمير لوڊري سان وفد جي صورت ۾ ملاقات ڪئي ان موقعي تي متاثر نينگر جي والد ٻڌايو ته جيڪڏهن ٻارڙي جي رڙين ٻڌڻ کانپوءِ وقت سر نه پھچان ھان ته جوابدار جنسي ڏاڍائيءَ واري جرم کي لڪائڻ لاءِ نينگر کي گھٽو ڏئي ماري لاش گم ڪري ڇڏي ھا جوابدار ڌر پاران ابتدائي طور تي مون تي ڪوڙي ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر معاملي جي ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ پوليس اسان جو ٿڏي تي ڪيس داخل ڪيو.ھن وڌيڪ چيو ته مونتي جوابدار ڌر پاران ٺاھ لاء دٻاء جاري آهي واقعي جي سنگينيت کي سامهون رکندي جوابدار ڌر ڌمڪائڻ کانپوءِ ھاڻي ميڙ منٿ تي مجبور ٿي آھي منھنجو ھڪڙو ئي مطالبو آهي ته ملڪي ۽ شرعي قانون مطابق منھنجي ٻچي سان ٿيل زيادتي جو انصاف ڪيو وڃي ان موقعي تي HRDN جي وفد متاثر خاندان کي مڪمل سھڪار جي خاطري ڪرائي ان موقعي تي صحافي احسان جيھو، راشد معرفاڻي ۽ اي ڊي جيھو پڻ موجود ھئا