English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
6 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور واري رپورٽ ڳڻتي جوڳي آهي: اياز لطيف پليجو
240 views
|
26th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران پاڪستان ۾ غربت بابت ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ تي ڳڻتي ظاهر
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پاڪستان ۾ 6 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذارڻ واري ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ الميو آھي تہ حڪومتون تبديل ٿين ٿيون پر معاشي پاليسي تبديل نٿي ٿئي، جنھنڪري ھر حڪومت ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو ٿيو آھي، حڪومت ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ جي آئيني ۾ پنھنجي معاشي ڪارڪردگي ڏسي. معاشي پاليسيون پورھيت دشمن، ھاري دشمن ۽ جو غريب دشمن آھن، ملڪ جي دولت ۽ وسيلن تي حڪمران، سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي جو قبضو آھي، ھاري، مزدور، پورھيت بنيادي سھولتن سميت قانوني انساني حقن کان به محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ غربت، بيروزگاري ۽ بدحالي انارڪي پيدا ڪندي آھي. حڪمران ٻين ملڪن ۾ خراب معاشي پاليسين سبب عوامي بغاوت مان سبق حاصل ڪن. موجود حڪمران خراب حڪمراني جو تسلسل ثابت ٿي آھي. سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حالتون خراب آھن، ڪرپشن سمورن کاتن کي اڏوھي بنجي کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. صحت، تعليم، امن، روزگار سميت بنيادي سھولتون ناھن. مھانگائي ماڻھن کان 2 وقت جي ماني کسي ورتي آھي. زراعت جي تباھي سبب آبادگار ۽ ھاري بدترين حالتن جو شڪار آھن. لکين نوجوان بيروزگاري جو شڪار آھن، مايوسي سبب خودڪشين جا واقعا پيش اچن ٿا. سرڪاري تعليمي نظام درھم برھم آھي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ بھتر علاج جون سهولتون ناھن، جنھنڪري پرائيويٽ تعليمي سسٽم ۽ پرائيويٽ اسپتالون وڏو ڪاروبار بنجي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت معاشي پاليسيون عوام دوست بنائي. ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن ۽ ڪامورن کي گرفتار ڪيو وڃي. بنيادي سھولتون ۽ قانوني حق ڏنا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز
0 تبصرے