راجوير سنگهه سوڍو مرڪزي جيل ڪراچي جو دورو ڪري قيدين کي ملندڙ سهولتن جو جائزو ورتو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) وزيراعليٰ سنڌ جي خاص مددگار براءِ انساني حقن راجوير سنگهه سوڍو مرڪزي جيل ڪراچي جو دورو ڪري قيدين جي حقن بابت جائزو ورتو، سندس ساٿ ۾ ڊائريڪٽر انساني حقن آغا فخر حسين، کاتي جا آفيسر، انساني حقن جا ڪارڪن ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شامل هئا، راجوير سنگهه سوڍو سڀ کان پهرين آءِ جي جيلن سنڌ، فيدا حسين مستوئي سان ملاقات ڪئي، جتي کيس جيلن جي اهم مسئلن بابت بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ خاص طور تي اوورڪراوڊنگ، هيلٿ ڪيئر ۽ زيرِالتوا قيدين جي بحالي جهڙا معاملا شامل هئا، بعد ۾ هن مرڪزي جيل جو دورو ڪيو، جتي سپرنٽينڊنٽ عبدالڪريم عباسي ۽ ڊي ايس پي اي ڊي چنا کيس مختلف بحالي پروگرام پيش ڪيا، انهن ۾ ڪمپيوٽر ٽريننگ، ٻولي ڪورسز، ميوزڪ ڪلاسز، هٿ جي ڪاريگري ۽ ووڪيشنل ٽريننگ شامل هئي، راجوير سنگهه سوڍو جيل جي کاڌي جي سهولتن جو پڻ جائزو ورتو ۽ صفائي ۽ کاڌي جي معيار تي اطمينان جو اظهار ڪيو، هن قيدين سان ملاقات ڪري بنيادي سهولتن بابت پڻ معلومات حاصل ڪئي.
0 تبصرے