جاپاني پي ايڇ ڊي هولڊر اسڪالر ۽ قديمي آثارن جي ماهر ڊاڪٽر سرگئي موهن جو دڙو جو دورو ڪيو
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي جاپان جي ميوزيم ۾ ڪم ڪندڙ پي ايڇ ڊي هولڊر اسڪالر ۽ قديم آثارن جي ماهر ڊاڪٽر سرگَئيۡ لِيپٽِفۡ موهن جو دڙو تي پهتو، پرڏيهي اسڪالر ماڳ جي مختلف سائيٽس اسٽوپا، گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايرياز، ميوزيم ۽ ٻين آثارن جو دورو ڪيو، جاپاني ماهر کي ماڳ تي مقرر گائيڊ جاويد شيخ ماڳ ۽ ميوزيم بابت کيس تفصيلي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي جاپاني اسڪالر ٻڌايو تہ ھن 2003ع ۾ ھڪ ٽيم سان گڏجي روس جي رياست ترڪمانستان جي گونر ديپي ماڳ جي کوٽائي ڪئي،جتان موھن جو دڙو جي ھاٿي جي مُھر ملي ھئي، جنهن تي موهن جي دڙي جي ٻولي لکيل آهي، اها مُهر اتي ميوزيم ۾ موجود آهي، جاپاني ماهر موجب موهن جو دڙو جي قديم زماني جا ماڻهو پاڪستان کان 1700 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي موجود رياست ترڪمنستان ۾ قديم زماني ۾ وڃي واپار ڪندا هئا، جاپاني ماهر موهن جي دڙي جي ماڳ ۾ گهري دلچسپي ورتي ۽ قديم آثارن جي فوٽوگرافي پڻ ڪئي، جاپاني ماهر سان ماڳ جي دوري وقت اڳوڻو ڊي جي آرڪيالاجي اسلام آباد ڊاڪٽر عظيم خان پڻ گڏ هو.
0 تبصرے