نوشهروفيروز ميونسپل ڪاميٽي جا مسئلا حل ڪيا ويندا: چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ

نوشهروفيروز ميونسپل ڪاميٽي جا مسئلا حل ڪيا ويندا: چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ

نوشهروفيروز (رپورٽر) ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪيا ويندا باقي ڊيوٽي چور گوسڙو ملازمن کي ڪابه رعايت نه ڏني ويندي هن چيو ته ملازمن جي پگهار هر مهيني وقت سر سندن اڪائونٽ ۾ ويندي آهي ڪنهن هڪ ملازم جي پگهار به بند ناهي ڪئي نه ئي ڪا ڪٽوتي ڪئي آهي پينشن به رٽائرڊ ملازمن کي ملي رهي آهي ملازم پگهار به کڻڻ ٿا پر ڊيوٽي نه ٿا ڪن جن جي اهڙي عمل سان شهر جي صفائي متاثر ٿئي ٿي هن چيو ته ڊيوٽي چور گوسڙو ملازمن جا مفاد پورا ٿيڻ نه ڏينداسين جيڪو ڊيوٽي نه ڪندو ان کي قانون موجب ڪارروائي کي منهن ڏيڻ پوندو