ڏوڪري ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي سرڪاري اسڪولن ۽ آفيسن جي تالابندي ۽ مظاهرا

ڏوڪري ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي سرڪاري اسڪولن ۽ آفيسن جي تالابندي ۽ مظاهرا

ڏوڪري(رپورٽر) سنڌ ايمپلائيز يونين جي سڏ تي سمورن سرڪاري کاتن جي آفيسن جي تالا بندي، ملازمن جو احتجاج.سنڌ ايمپلائيز يونين جي مرڪزي سڏ تي سرڪاري ملازمن پنهنجن جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ سنڌ جي سمورن کاتن ۽ تعلقي آفيسن ۾ تالا بندي ڪري پرامن احتجاج ڪيو. آفيسن جي ڪم کي مڪمل طور روڪي ڇڏيو ويو، جنهن سبب شهرين کي به سرڪاري معاملن ۾ پريشاني پيش آئي.احتجاجي مظاهرن دوران يونين جي اڳواڻن اسسٽنٽ مختيارڪار قاضي امجد،ھاءِ اسڪول ڏوڪري جو ھيڊ ماستر عبدالوحید ميمڻ، علي بخش پٺاڻ،پ ٽي الف اڳواڻ نياز حسين ٻگهيو،ارشاد جوڻيجو،آپڪا اڳواڻ افروز ميراڻي،صحبت حسين جسڪاڻي،پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي صدر نادر حسين جوڻيجو "اسان جا مطالبا بلڪل جائز آهن، سرڪار کي گهرجي ته ملازمن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، پر پگهارون ساڳي جاءِ تي بيٺل آهن. سرڪاري ملازمن کي هڙتالن ۽ روڊن تي اچڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي.ھنن مطالبو ڪندي چيو تہ ملازمن جي پگهارن ۾ مهانگائي جي حساب سان الاوئنسز بحال ڪرڻ،ايڊهاڪ الائونس کي بيسڪ پگهار ۾ شامل ڪرڻ،وقت سر پروموشن ۽ سينيارٽي جا ڪيس حل ڪرڻ،رٽائرڊ ملازمن جي پنشن ۾ واڌ ۽ وقت سر ادائيگي ڪرڻ.عارضي ۽ ڪنٽريڪٽ ملازمن کي مستقل ڪرڻ سميت سمورا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن جيڪڏهن مطالبن تي عمل نه ٿيو ته وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.