English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ به سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي اسڪولن ۽ آفيسن جي تالابندي ۽ مظاهرا
168 views
|
23rd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
استادن تدريسي عمل جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو، اسڪول بند هجڻ ڪري ٻارڙا واپس گهرن ڏانهن روانا
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) آل سنڌ ايمپلائز يونين ۽ سنڌ ايمپلائز الائنس جي اپيل تي عمرڪوٽ ۾ سرڪاري ملازمن اسڪولن ۽ آفيسن کي تالا هڻي سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ ملازمن ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ جي آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو ۽ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي، استادن تدريسي عمل جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو، جنهن سبب شاگرد مايوس ٿي گهر واپس موٽي ويا، ملازمن جو چوڻ هو ته حڪومت پينشن سڌارڻ جي بل وسيلي سرڪاري ملازمن کي بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪو سراسر ناانصافي آهي، رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس جي رقم نه ڏيڻ ظلم آهي، مظاهرين مطالبو ڪيو ته مهانگائي کي نظر ۾ رکندي پگهار ۾ گهٽ ۾ گهٽ 70 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي ۽ پاليسي فوري واپس ورتي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائي روڊن ۽ مک شاهراهن تائين پهچايو ويندو، ٻئي طرف 24 سيپٽمبر تي عمرڪوٽ ۾ ٿيندڙ ضمني بلدياتي چونڊن جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن، پر سرڪاري ملازمن احتجاجي حڪمت عملي تحت انهن چونڊن جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي، يوسي گپنو ۾ چيئرمين ۽ ضلعي ميمبر جي سيٽن لاءِ پنج ۽ اٺ اميدوار آمهون سامهون هوندا، جڏهن ته يوسي شاه مردان شاهه ۾ جنرل ڪونسلر جي هڪ سيٽ لاءِ ٻه اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو، چيئرمين ۽ ضلعي ميمبر جي انتخاب لاءِ 12 هزار 822 رجسٽرڊ ووٽر ۽ جنرل ڪونسلر جي چونڊ لاءِ 3 هزار 310 ووٽر پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪندا، ضلعي انتظاميه 12 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا آهن جن تي 92 عملو مقرر ڪيو ويو آهي، سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن ۽ تعليم کاتي چونڊ وارن علائقن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، احتجاجي ڪيمپ ۾ مختلف کاتن جا ملازم وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن ۽ اعلان ڪيو آهي ته جيستائين مطالبا منظور ناهن ٿيندا، احتجاج جاري رهندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهدادپور ڀرسان ڳوٺ کٻڙ کاهو واسين جو پي پي ايل انتظاميه ۽ بااثرن خلاف ڌرڻو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ پرائمري استاد جو ناٺي خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ به سنڌ ايمپلائيز الائينس
عمرڪوٽ
0 تبصرے