English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جمھوريت جي نالي ۾ آمريت قائم آھي. ميوزڪ ٽيچرز ڪيترن ئي ڏينھن کان سراپا احتجاج آھن: اياز لطيف پليجو
101 views
|
22nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران ڪراچي ۾ ميوزڪ ٽيچرز تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪراچي ۾ ميوزڪ ٽيچرز تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو آھي تہ جمھوريت جي نالي ۾ آمريت قائم آھي. ميوزڪ ٽيچرز ڪيترن ئي ڏينھن کان سراپا احتجاج آھن، سنڌ حڪومت کي استادن سان ڳالھيون ڪري انھن کي آفر آرڊر ڏيڻ گھرجن ھا. ميوزڪ ٽيچرز دھشتگرد يا ڏوھاري ناھن. سنڌ حڪومت منشيات فروشن ۽ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھٿين خالي ميوزڪ ٽيچرز تي دشمن ٿي ڪڙڪي آھي. مھذب ملڪن ۾ احتجاج ڪندڙ ماڻھن سان ڳالھيون ڪيون وينديون آھن، انھن جا مسئلا حل ڪيا ويندا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ حڪومت ٻڌائي تہ سنڌ ۾ آمريت آھي، بادشاھت يا جمھوريت آھي. جڏھن خود پ پ اقتدار کان ٻاھر ھوندي آھي تہ احتجاج قانوني، انساني ۽ جمھوري حق بنجي ويندو آھي ۽ اقتدار ۾ ايندي آھي تہ ميوزڪ ٽيچرز، ليڊي هيلٿ ورڪرز، پورھيتن ۽ سياسي سماجي ماڻھن لاءِ احتجاج ڪرڻ تي انھن جي زندگي جھنم بنائي ڇڏيندي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ميوزڪ ٽيچرز کي آفر آڊر ڏئي سندن جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن. تشدد جي ذميوار پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. گرفتار استادن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجي
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
0 تبصرے