English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جمھوريت جي نالي ۾ آمريت قائم آھي. ميوزڪ ٽيچرز ڪيترن ئي ڏينھن کان سراپا احتجاج آھن: اياز لطيف پليجو
80 views
|
22nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران ڪراچي ۾ ميوزڪ ٽيچرز تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪراچي ۾ ميوزڪ ٽيچرز تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو آھي تہ جمھوريت جي نالي ۾ آمريت قائم آھي. ميوزڪ ٽيچرز ڪيترن ئي ڏينھن کان سراپا احتجاج آھن، سنڌ حڪومت کي استادن سان ڳالھيون ڪري انھن کي آفر آرڊر ڏيڻ گھرجن ھا. ميوزڪ ٽيچرز دھشتگرد يا ڏوھاري ناھن. سنڌ حڪومت منشيات فروشن ۽ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھٿين خالي ميوزڪ ٽيچرز تي دشمن ٿي ڪڙڪي آھي. مھذب ملڪن ۾ احتجاج ڪندڙ ماڻھن سان ڳالھيون ڪيون وينديون آھن، انھن جا مسئلا حل ڪيا ويندا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ حڪومت ٻڌائي تہ سنڌ ۾ آمريت آھي، بادشاھت يا جمھوريت آھي. جڏھن خود پ پ اقتدار کان ٻاھر ھوندي آھي تہ احتجاج قانوني، انساني ۽ جمھوري حق بنجي ويندو آھي ۽ اقتدار ۾ ايندي آھي تہ ميوزڪ ٽيچرز، ليڊي هيلٿ ورڪرز، پورھيتن ۽ سياسي سماجي ماڻھن لاءِ احتجاج ڪرڻ تي انھن جي زندگي جھنم بنائي ڇڏيندي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ميوزڪ ٽيچرز کي آفر آڊر ڏئي سندن جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن. تشدد جي ذميوار پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. گرفتار استادن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jan 2026
•
دلچسپ اور عجیب
ہرن کھڑکی توڑ کر بینک میں گھس گیا
30th Jan 2026
•
دلچسپ اور عجیب
اب انسان کی عمر 150 سال تک پہنچ سکتی ہے
30th Jan 2026
•
دنیا
عالمی سیکیورٹی پر خطرے کی گھنٹی: افغان طالبان دہشت گردی کے مرکز کے طور پر بے نقاب
30th Jan 2026
•
شوبز
جویریہ عباسی نے شوہر کے ساتھ بولڈ فوٹو شوٹ کر کے سوشل میڈیا پر ہنگامہ مچا دیا
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
حڪومت جون پاليسيون ملڪ کي وڌيڪ بحرانن ۾ وجھي رھيون آھن، پاڻي تي ڌاڙي جي مزاحمت ڪنداسين: اياز لطيف پليجو
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ ڀرسان گهر ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، الهه تلهه رک
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي سستا اٽي جا اسٽال قائم
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ٻن ڀائرن جو ڀائٽين کان لاتعلقي جو اظهار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجي
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
0 تبصرے