ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ احسان واهڻ ۾ ٽي اي او ڏوڪري پاران جشن عيد ميلاد النبي صلعم جو پروگرام منعقد،پ پ پ ايم اين اي نظير احمد ٻگهيو، سردار حزب اللہ ٻگهيو، رٽائرڊ ڪرنل نظير احمد جتوئي، امر خان ٻگهيو ۽ علائقي واسين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تفصيل موجب گذريل ڏينهن ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ احسان واهڻ ۾ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر(فيميل) سيڪنڊري ڏوڪري طرفان جشن عيد ميلاد النبي صلعم جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي پ پ پ ايم اين اي نظير احمد ٻگهيو،سردار حزب اللہ ٻگهيو، رٽائرڊ ڪرنل نظير احمد جتوئي، امر خان ٻگهيو ۽ ٻين چيو ته حضور پاڪ جن سموري دنيا لاءِ رحمت العالمين بڻجي آيا جنهن جي اچڻ سان جهالت جو خاتمو ٿيو ۽ باطل هميشه لاءِ مٽجي ويو،جشن عيد ميلاد النبي صلعم جي ميزبان تعلقي ايجوڪيشن آفيسر (فيميل) سيڪنڊري تعلقو ڏوڪري رسول بخش جيسر /نظير احمد جيسر طرفان منعقد ڪيل جشن عيد ميلاد النبي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سموري دنيا ۾ محسن انسانیت حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جن جي هن دنيا ۾ آمد جي موقعي تي جهالت جو خاتمو ٿيو ۽ هر طرف شعور جون لاٽون نروار ٿيون، هر هنڌ محبوب پاڪ جي آمد تي مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي جون صدائون بلند ٿيون، اسان مسلمان تمام گهڻا خوش نصيب آهيون جو اسان کي نبين جو سردار مليو، جشن عيد ميلاد النبي صلعم تقريب ۾ علائقي جي معززین رٽائرڊ ڪرنل نظير احمد جتوئي،رئيس عرفان خان جتوئي، عطاء اللہ خان جتوئي، صوفي بدرالدين ميتلو، ارشاد خان ٻگھيو، واجد علي ٻگهيو، ڏوڪري پريس ڪلب جي صدر فدا حسین ابڙو، علي اصغر ميمڻ، تعليم کاتي ضلعو لاڙڪاڻو جي عملدارن،رٽائرڊ پروفیسر سراج احمد سوهو، يوسي چيئرمين سرائي منظور منڱڻ، چيئرمين محمد علي راڄپر، چيئرمين آفتاب ظفر سيال، زوار فدا حسين ڦلپوٽو، معشوق علي جتوئي، انجنيئر وقار علي سومرو سميت علائقي جي مختلف برادرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0 تبصرے