ڪنري جي يوسي گپنو جي ضمني اليڪشن جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل، استادن پاران بائيڪاٽ

اليڪشن سڀاڻي ٿيندو، چيئرمين لاءِ پ پ جي رضا حميد آرائين ۽ مخالف اتحاد جي ذوهيب خرم آرائين ۾ مقابلو

ڪنري جي يوسي گپنو جي ضمني اليڪشن جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل، استادن پاران بائيڪاٽ

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ضلع عمرڪوٽ جي يوسي گپنو ۾ چيئرمين ۽ ضلعي ڪائونسل جون خالي ٿيل سيٽون ڀرڻ لاءِ ٿيندڙ ضمني اليڪشن جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، اليڪشن 24 سيپٽمبر تي منعقد ٿيندو، جنهن ۾ چيئرمين جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار رضا حميد آرائين ۽ مخالف اتحاد جو ذهيب خرم آرائين آمهون سامهون هوندا، ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جي سيٽ تي پيپلز پارٽي جو مير علي گوهر تالپور ۽ مخالف اتحاد جو هري رام ڪڇي وچ ۾ مقابلو متوقع آهي، يوسي گپنو ۾ ڪل 12 هزار 822 ووٽر رجسٽرڊ آهن، جن مان 6 هزار 768 مرد ۽ 6 هزار 54 عورتون شامل آهن، اليڪشن لاءِ 10 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 92 عملي تي ٻڌل ٽيم، جن ۾ پريزائيڊنگ ۽ اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسر شامل آهن، تنهن هوندي به استادن ۽ سرڪاري ملازمن اليڪشن ڊيوٽي ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ايمپلائيز الائنس 23 سيپٽمبر کان 27 سيپٽمبر تائين ڪم ڇڏ هڙتال جو اعلان ڪندي ضمني اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ٻي طرف ڊائريڪٽر تعليم ڊي اي اوز کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته اليڪشن ڊيوٽي کان انڪار ڪندڙ استادن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، استادن جي بائيڪاٽ سبب ضلعي اليڪشن ڪميشن سخت مخمصي جو شڪار نظر اچي رهيو آهي، ساڳئي وقت سنڌ حڪومت 24 سيپٽمبر تي ٿيندڙ بائي اليڪشن جي پيش نظر صوبي جي 14 ضلعن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن موجب انهن ضلعن ۾ گھوٽڪي، سکر، خيرپور، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٽياري، حيدرآباد، ڄامشورو، دادو، بدين، ٺٽو ۽ ڪراچي شامل آهن، سياسي ماحول تيزي سان گرمي اختيار ڪري ويو آهي، استادن جي بائيڪاٽ ۽ سنڌ حڪومت جي عام موڪل جي اعلان کان پوءِ هي اليڪشن وڌيڪَ اهميت حاصل ڪري وئي آهي.