ڳوٺ ڌڻي پرتو واسي ايڊوڪيٽ بابر علي جي والد کي کنڀي لاڪ اپ ۾ بند ڪرڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاھ لطيف ٿاڻي جي انويسٽيگيشن آفيسر خلاف سوين ماڻهن جو احتجاجي مظاھرو ۽ ڌرڻو آئي او کي فوري برطرف ڪرڻ جو مطالبو تفصيل موجب شاھ لطيف پوليس سادن ڪپڙن ۾ رزاق آباد ڌڻي پرتو ڳوٺ جي ايڊوڪيٽ بابر علي ۽ سندس والد مشتاق ٻرڙو جي آفيس ۽ گهر ۾ زوري گهڙي ڀڃ ڊاھ ڪرڻ مشتاق ٻرڙو کي ٿاڻي ۾ بند ڪرڻ خلاف وڏي تعداد ۾ ڌڻي پرتو ڳوٺ جي رهواسين ايڊوڪيٽ بابر علي شاھد آرائين ڄام جميل لاشاري سيد ضمير حسين شاھ هادي بخش جاڳيراڻي ايڊوڪيٽ ظھير ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌڻي پرتو ڳوٺ کان احتجاجي ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ هو آء او شاھ لطيف رياض خان کي برطرف ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي ايڊوڪيٽ بابر علي ۽ ٿاڻي مان آزاد ٿي پهتل سندس والد مشتاق ٻرڙو صحافين کي ٻڌايو ته اسان علائقي جا معزز ۽ شريف ماڻهون آهيون ۽ تحقيقاتي آفيسر شاھ لطيف رياض خان بنا ڪنهن سبب جي عملي سان گڏ سادن ڪپڙن ۾ گذريل ڏينهن شام 7بجي زوري آفيس ۾ گهڙي آيو جتي هن گارگند ڪندي ٽيبلون ڪيرايون ۽ ڪاغذن جا اهم فائل کنيا بابر علي ٻڌايو ته مون کين پنهنجي وڪيل هجڻ جو تعرف ڪرايو جنهن تي پوليس اهلڪار.رياض خان وڌيڪ مڇرجي منهنجي گهر ۾ گهڙي پيو ۽ منهنجي والد مشتاق ٻرڙو کي کنڀي ٿاڻي کڻي.ويا جتي کيس رات 1وڳي تائين سخت ذھني عذاب ۾ مبتلا ڪندي ڪوڙن ڪيسن ۾ اڙائڻ جو ڌمڪيون ڏنيون مشتاق ٻرڙو جو چوڻ هو ته آئي او رياض خان مونکي پسٽل رڪڻ جي ڪيس ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاھد آرئين ايڊوڪيٽ محبوب علي ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته واقعي خلاف ايس ايس پي ۽ ايس ايچ او کي درخواستون ڏنيون ۽ عدالت ۾ پٽيشن به داخل ڪئي وئي آھي واقعي خلاف سڄي علائقي ۾ سخت ڪاوڙ ڇانيل آھي آئي جي سنڌ ڊي آئي جي ايسٽ ايس ايچ او شاھ لطيف فوري طور ايس آئي او رياض ڀٽو ۽ آئي او رياض خان خلاف تحقيقات ڪري قانوني ڪاروائي ڪري ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو
0 تبصرے