English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ ايمبلائيز الائينس ضلعي شڪارپور جو آفيسن جي تالابندي بابت اهم اجلاس
105 views
|
21st Sep 2025
•
سنڌي خبرون
هي رڳو احتجاج نه پر ملازمن جي بقا ۽ مستقبل جي جنگ آهي، جنهن لاءِ سڀني کي تيار رهڻ گهرجي: سيد راشد حسين شاهه
شڪارپور (احسان ابڙو )سنڌ ايمپلائیز الائنس (SEA) ضلعي شڪارپور پاران 23 سيپٽمبر 2025 کان غيرمعينه مدت تائين ضلعي جي سمورين سرڪاري آفيسن، اسڪولن، ڪاليجن، اسپتالن ۽ روينيو ڊپارٽمينٽ جي مڪمل تالا بندي بابت اعلان کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور جي ميٽنگ هال ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو۔اجلاس جي صدارت سنڌ ايمپلائیز الائنس ضلعي چيئرمين سيد راشد حسين شاهه ڪئي، جڏهن ته ڪاروائي آپڪا ضلعي صدر عبدالوهاب ڪاغذي هلائي ۽ ميزباني جا فرائض روينيو ڊپارٽمينٽ جي اڳواڻن ادا ڪيا۔ اجلاس جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿيو۔ ان موقعي تي صوبائي ۽ ضلعي اڳواڻن سميت مختلف کاتن جنھن ۾ گسٽا، پي ٽي الف، آپڪا، روينيو، گواز, ڪاليجز. پيرا ميڊيڪل، لوڪل گورنمينٽ ميونسپل ڪاميٽي. شيخ اياز يونيورسٽي. سميت 26 ڊپارٽمينٽس جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شريڪ ڪئي، جن ۾ سيد راشد حسين شاھ، عبدالوهاب ڪاغذي، غلام سرور کوهارو، نظام الدين شيخ، عبدالشڪور سومرو، احسان احمد ابڙو، عبدالرحمان شر بلوچ، عبدالحميد ڀرچونڊ، نظير حسين شاهه، نصرالله شيخ، انتخاب احمد مهر، شيراز احمد ڪيهر، آغا شعيب خان، سيد آصف علي شاهه، غلام رسول جهلڻ، فهيم احمد سومرو، نوشاد احمد ڀٽو، نظير احمد لاشاري، شفيق احمد شيخ، ڌڻي بخش ڀيو، سليم آرائين، محمد اڪرم ابڙو، رفيق احمد سومرو، اشفاق احمد ڀٽو، عبدالباسط چنا، ميهر جمالي، نوشاد علي ڀٽو، مزمل احمد، اشفاق احمد ڀٽو، آصف علي شاھ، عنايت الله مھر عبدالشڪور پھوڙ، نصرالله شيخ، آغا علي جان ۽ ٻين ڀرپور شرڪت ڪئي اجلاس ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس SEA جا 6 بنيادي مطالبا جن ۾ پينشن مراعتن ۾ ڪٽوتي، پگهارن ۾ اضافو، ڊي آر اي (DRA)، گروپ انشورنس، بَينيولنٽ فنڊ، فوتي ڪوٽا شامل آهن۔ شرڪت ڪندڙن اڳواڻن واضح ڪيو ته انهن مطالبن جي حمايت ۾ ضلعي شڪارپور جي سمورن آفيسن جي مڪمل تالا بندي ڪئي ويندي۔ اجلاس ۾ ڪردار پيش ڪيو ويو ته گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻورڙي ۾ استادن، ملازمن ۽ معصوم ٻارن تي ٿيل حملو کليل دهشتگردي آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. حملي جي نتيجي ۾ هڪ استاد شهيد ٿيو ۽ ڪيترائي ملازم ۽ ٻارڙا سخت زخمي ٿيا. اجلاس ۾ رياستي ادارن ۽ پوليس ڊپارٽمينٽ کان پرزور گهر ڪئي وئي ته حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن مستقبل ۾ تعليمي ادارا محفوظ رهي سگهن. اجلاس ۾ ضلعي، تعلقه ۽ يونٽ ليول جون ڪميٽيون تشڪيل ڏنيون ويون، جيڪي سمورن سرڪاري ادارن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ اسپتالن جو دورو ڪري ضلعي سطح تي مڪمل تالابندي ڪرائينديون ۽ احتجاج کي ڪامياب بڻائينديون پنهنجي خطاب ۾ چيئرمين سيد راشد حسين شاهه چيو ته هي رڳو احتجاج نه پر ملازمن جي بقا ۽ مستقبل جي جنگ آهي، جنهن لاءِ سڀني کي ذهني طور تي تيار رهڻ گهرجي۔ ايندڙ مرحلي ۾ هي تحريڪ ڪراچي جو رخ ڪندي، جتي هڪ مهيني تائين جدوجهد جاري رهندي۔ پينشن ملازم جي پوئين عمر جو سهارو آهي، جيڪو حڪومت کسي وٺڻ ٿي چاهي، پر اسين پنهنجن حقن لاءِ رت جي آخري قطري تائين وڙهنداسين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ ايمبلائيز الائينس ضلعي شڪارپور
سيد راشد حسين شاهه
SEA
0 تبصرے