ڪيمپ رزاق آباد ويلفيئر ۽ الممتاز ويلفيئر جي گڏيل سهڪار سان لڳائي وئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)رزاق آباد ویلفیئر ایسوسی ایشن ۽ الممتاز ویلفیئر جي گڏيل سھڪار سان رزاق آباد ۾ هڪ ڏينهن جي فري اکين جي چڪاس جي ڪيمپ لڳائي وئي، ڪيمپ ۾ اکين جي مريضن جو مفت معائنو ڪري دوائون ڏنيون ويون جڏهن ته 14 مريضن کي موتيا جي آپريشن لاءِ چونڊيو ويو جن جو مفت آپريشن ڪرايا ويندو مريضن جي آپريشن واري ڏينهن مفت ٽرانسپورٽ ۽ کاڌي جي سهولت پڻ ڏني ڏني ويندي ان سلسلي ۾ رزاق آباد ویلفیئر ایسوسی ایشن جي جنرل سيڪريٽري حاجي گبول چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته علائقي جي مستحق ماڻهن کي علاج سندن گهرن جي ويجهو مهيا ڪجي، ڪنهن کي به مالي تڪليف سبب علاج کان محروم نه رهڻو پوي صدر عبدالغني گبول چيو ته اهڙيون فلاحی ڪيمپون باقاعدي جاري رکيون وينديون ته جيئن وڌيڪ غريب ۽ لاچار ماڻهن کي فائدو پهچي سگهي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ولي محمد گبول ۽ نائب صدر خليل احمد به عزم ظاهر ڪيو ته ايندڙ وقت ۾ اهڙن ڪيمپن جو سلسلو وڌيڪ وڌايو ويندو ڊاڪٽر بوپت راٺور جو چوڻ هو ته اکين جون بيماريون وقت سر علاج نه ٿيڻ ڪري وڏو نقصان ڪري سگهن ٿيون، اهڙن ڪيمپن ۾ ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ ۽ مفت علاج سان وڏو فائدو ٿيندو. الممتاز ويلفيئر جي اشرف احمد چيو ته اسان جو گڏيل مقصد آهي ته انسانيت جي خدمت ڪجي، اهڙا گڏيل قدم ئي بيمارين ۾ گهٽتائي ۽ ماڻهن جي سهولت جو سبب بڻجن ٿا.
0 تبصرے