منهنجو وڏو ڀاءُ ڌڻي بخش پنهور پلاٽ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: ڳوٺاڻا
نوشهروفيروز (ڊر)نوشهروفيروز جي ڳوٺ محمد حسن پنهور واسي ڳوٺاڻي پنهنجي ڀاءُ ۽ ابڙان ٿاڻي جي ايس ايڇ او لعل ڏنو شر جي ظلمن خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته منهنجو وڏو ڀاءُ ڌڻي بخش پنهور پلاٽ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن منهنجي گهر تي چور موڪليا پر ان جي اها ڪوشش به ناڪام وئي ڇو ته اسان سجاڳ ٿي وياسين پلاٽ به پاڻ هن کپائي ڏنو هو هاڻي وري قبضو به ڪرڻ چاهي ٿو هن چيو ته ڀاءُ ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهي جنهن گذريل ڏينهن ابڙان پوليس جي ايس ايڇ او لعل ڏنو شر کي پنجاھ ھزار رشوت ڏئي ڪري مون تي وحشياڻو تشدد ڪرايو آهي هن چيو ته ايس ايڇ او لعل ڏنو شر مونکي ڀاءُ جي چوڻ تي ھاف فراء پيو ڪري جنهن مون تي هٿيار به سڌو ڪيو ۽ ٿاڻي کان وٺي ڊوڙائيندو رهيو ته مون مسجد ۾ پناهه وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر اتي به ويهڻ نه ڏنو هن وڌيڪ چيو ته منهنجو ڀاءُ ڌڻي بخش پنهور ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهي جيڪو هر مهيني ايس ايڇ او ابڙان کي منٿلي ڏيندو آهي جنهن جي ونگار وهندي مونکي تشدد ڪيو ويو آهي جنهن جي دانهن ڊي ايس پي نوشھروفيروز کي ڏني آهي پر اڃان تائين انصاف نه مليو آهي جنهن جي ڪري مان ۽ منهنجي فيملي عدم تحفظ جو شڪار آهيون هن سيشن جج نوشهروفيروز، ايس ايس پي نوشھروفيروز سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جي جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي
0 تبصرے