English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي خانگي فيڪٽري انتظاميه برطرف 50ملازمن کي بحال ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
169 views
|
19th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پي ڪي ميٽ ڪمپني ملازم بحال ڪري سھولتون نه ڏنيون ته جدوجهد کي آخري حد تائين کڻي وينداسين: اڳواڻ
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) خانگي فيڪٽري مان برطرف 50ملازمن کي انتظاميا بحال ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو متاثر ملازمن سوين ڳوٺاڻن سياسي سماجي اڳواڻ ۽ ڪارڪنن سان گڏ عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان هڪ ڏينهن جي بک هڙتالي ڪيمپ قائم، صبح کان شام تائين مسلسل نعريبازي جيڪڏهن پي ڪي گوشت ڪمپني ملازم بحال ڪري سھولتون نه ڏنيون ته جدوجهد کي آخري حد تائين کڻي وينداسين جنهن جي زميوار خانگي ڪمپني انتظاميا تي هوندي پورهيت اڳواڻن جون صحافين سان ڳالھيون تفصيل موجب ملير ۾ ڌڻي پرتو موسي ڳوٺ لڳ قائم خانگي پي ڪي گوشت ڪمپني 25سالن کان ڪم ڪندڙ پورهيتن کي نوڪري مان جبري نيڪالي ڏني آھي جنهن خلاف متاثر پورهيتن جي احتجاجن باوجود انتظاميا پورهيتن کي بحال ڪرڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو آھي ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن متاثر پورهيتن سياسي سماجي اڳواڻ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان هڪ ڏينهن جي بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي جنهن ۾ شريڪ ماڻهن صبح کان شام تائين مسلسل نعريبازي ڪئي جنهن جي اڳواڻي اورنگزيب جوکيو جدوجهد ڪميٽي جا اڳواڻ اقبال ڪلمتي فيض سنڌي وهاب گبول شيراز سولنگي جيئي سنڌ تحريڪ جو آڪاش کٽي فدا جوکيو ساجد گوريلو امتياز جوکيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائندي چيو ته اسان جي ڳوٺن جي وچ ۾ پي ڪي گوشت ڪمپني قائم آھي پر فيڪٽري جو مالڪ طارق محمود بٽ ۽ ٺيڪيدار شاھد بهاري مقامي ماڻهن کان نفرت ڪري ٿو هنن فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ 50کان وڌيڪ مقامي پورهيتن کي بنا ڪنهن سبب جي جبري نوڪرين مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آھي جڏهن ته ٻين مقامي پورهيتن سان ڪمپنين اندر جانورن جھڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته جيڪڏهن فيڪٽري جو مالڪ ۽ ظالم ٺيڪيدار مقامي پورهيتن کي بحال نه ڪيو ۽ قانون موجب پگھارن ۾ واڌ ڪري ٻيون سھولتون نه ڏنيون ته متاثر پورهيتن سان گڏ ملير جا هزارين ڳوٺاڻا مجبور ٿي فيڪٽري جي مين گيٽ اڳيان مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال ڪري فيڪٽري بند ڪري ڇڏيندا هنن سنڌ جي وڏي وزير پورهئي جي صوبائي وزير ليبر کاتي جي آفيسرن آئي جي سنڌ ايس ايس پي ملير ۽ ملير مان چونڊيل ميمبرن کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل ڪمپني انتظاميا خلاف انساني حقن جي ڀڇڪڙي سنڌ حڪومت جي قانون خلاف ڪم ڪندڙ فيڪٽري جي مالڪ ۽ ٺيڪيدار خلاف قانوني ڪاروائي ڪري بيدخل ڪيل پورهيتن کي بحال ڪرائي ليبر لا تحت سھولتون ڏنيون وڃن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير جي خانگي فيڪٽري انتظاميه
پي ڪي ميٽ ڪمپني
0 تبصرے