پاڪستان جسٽس ايسوسيئيشن ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي، سردار محمد اقبال خان
ڪراچي (وسيم قريشي) پاڪستان جسٽس ايسوسيئيشن جي باني ۽ چيئرمين سردار محمد اقبال خان جي سربراهيءَ ۾ ھڪ وفد بي جي سي گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو سيد امتياز الحق بخاري سان ڪراچي پريس ڪلب ۾ ملاقات ڪئي۔ ھن موقعي تي ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ انهن لاءِ لڳايل امدادي ڪيمپن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي۔
سيد امتياز الحق بخاري چيو ته بي جي سي گروپ ملڪ جي عوام سان ڏکن سکن ۾ ھميشه ساٿ ڏيندو رھيو آهي۔ ٻوڏ متاثرن جي مدد ھر وس واري شھري جي اخلاقي ۽ قومي ذميواري آهي۔ ھن چيو ته متاثر خاندانن جي بحاليءَ لاءِ سرندي وارن، واپاري برادري ۽ سماجي تنظيمن کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جيئن وڌيڪ کان وڌيڪ ماڻھن تائين فوري رليف پھچائي سگهجي۔
سردار محمد اقبال خان چيو ته پاڪستان جسٽس ايسوسيئيشن ٻوڏ متاثر عوام کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي۔ ھن چيو ته مشڪل جي ھن گھڙيءَ ۾ سڄي قوم کي اتحاد ۽ يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي۔
ملاقات ۾ مقامي اخبار جي چيف ايڊيٽر عثمان ڀائي ۽ پاڪستان ڊجيٽل ميڊيا نظر پوائنٽ جي باني ۽ چيئرمين حسين دانش پڻ موجود ھئا۔
0 تبصرے