عمرڪوٽ: چنديرام پاڙي ۾ تعزيت جو سلسلو، نوابزاده محمد شهمير ٽالپر ۽ ساٿين جو شرڪت

نواب محمد تيمور ٽالپر جي پٽ محمد شهمير ٽالپر، پ پ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي

عمرڪوٽ: چنديرام پاڙي ۾ تعزيت جو سلسلو، نوابزاده محمد شهمير ٽالپر ۽ ساٿين جو شرڪت

عمرڪوٽ (ڊ ر) چنديرام پاڙي عمرڪوٽ ۾ او پي ايس مالهي جي ڀيڻ ۽ سوائي مل مکي جي زال جي ديهانت تي نواب محمد تيمور ٽالپر جي صاحبزادا نوابزاده محمد شهمير ٽالپر، پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن طرفان گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ويو، ان موقعي تي ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي وائيس چيئرمين ڪمار ٽلواڻي، دليپ ڪمار مولچنداڻي، پي ايس رحمت الله راڄڙ، شاهد کوسو، هريش ڪمار پيٿاڻي، لالا ايل پي وائي، ولي بجير، سروڻ سنگھ ۽ ٻيا ساٿي پڻ گڏ موجود هئا، جن مرحومه لاءِ مغفرت ۽ لواحقين لاءِ صبر جي دعا ڪئي.