ملير: ميمڻ ڳوٺ ۾ بجلي جي بندش ۽ پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو، هڪ شهري بيهوش

هڪ طرف بجلي بند آهي ته ٻي پاسي پاڻي جي کوٽ ڏڪار واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي: مظاهرين

ملير: ميمڻ ڳوٺ ۾ بجلي جي بندش ۽ پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو، هڪ شهري بيهوش

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير جي علائقي ميمڻ ڳوٺ ملير ۾ پاڻي ۽ بجلي جي بندش خلاف سخت عوامي احتجاج ڪيو ويو جنهن ۾ ڳوٺ جا رهواسي مرد، عورتون ۽ بزرگ وڏي انگ ۾ رستن تي نڪري آيا جن رستن تي رڪاوٽون رکي ٽائرن کي باهه ڏيئي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي ان موقعي تي هڪ بزرگ بي هوش ٿي ويو علائقي واسين جو چوڻ هو ته بجلي نه هجڻ سبب علائقي ۾ ڏڪر جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي هنن چيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان ڳوٺ ۾ پاڻي ۽ بجلي بند آهي، جنهن سبب روزمره جي زندگي مفلوج ٿي وئي آهي۔ عورتن ۽ ٻارن کي شديد تڪليفون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته بزرگن جو چوڻ هو ته زندگي جي بنيادي ضرورتن کان محروم رکڻ وڏو ظلم آهي مظاهرين سخت نعريبازي ڪندي لاڳاپيل ادارن کي پٽ پاراتا ڏيندي چونڊيل نمائندن جي نااهليءَ تي افسوس جو اظهار ڪيو۔ رهواسين جو چوڻ هو ته چونڊن وقت وڏا وڏا واعدا ڪيا ويا، پر اڄ تائين ڪنهن به نمائندي ڳوٺ جي حالت سڌارڻ لاءِ قدم نه کنيو۔مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي بحال نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ ذميوار ادارن خلاف سخت تحريڪ شروع ڪئي ويندي۔