سماجي تنظيم اويئر پاران سي پي ڊي آءِ جي سهڪار سان عمرڪوٽ ۾ تربيتي پروگرام ڪيو ويو
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر ) سماجي تنظيم اويئر (AWARE) پاران، سي پي ڊي آءِ (CPDI) جي سهڪار سان عمرڪوٽ ۾ ٻه ڏينهن وارو اهم تربيت وارو پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ضلعي جا ڪيترائي وڪيل وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙ وڪيلن ان تربيت کي پنهنجين ڄاڻ ۽ پيشاورانه صلاحيتن کي وڌائڻ جو هڪ بهترين موقعو قرار ڏنو.هن تربيت جو مقصد وڪيلن کي عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي ڪيسن کي وڌيڪ اثرائتي، حساس ۽ قانوني نموني سان هٿ ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ هو. شرڪت ڪندڙن کي رڳو قانوني ڄاڻ نه پر انساني حقن، انصاف تائين رسائي ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ بابت به اهم ڄاڻ ڏني وئي.تربيت دوران الڳ الڳ سيشن رکيا ويا، جن ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي تعريف، سبب ۽ قسمن تي بحث، پاڪستان ۾ موجود قانوني نظام ۽ عورتن لاءِ تحفظاتي قانونن جو جائزو، ۽ وڪيلن جو ڪردار اجاگر ڪيو ويو. سيشنز ايڊووڪيٽ ڀاڳچند ڀيل ۽ ايڊووڪيٽ گلاب جيپال پاران ڏنا ويا، جن پنهنجو تجربي ۽ عملي مثال پيش ڪري سيشن کي وڌيڪ ڪارائتو بڻايو.اختتامي سيشن ۾ ايڊووڪيٽ نور محمد، ايڊووڪيٽ ميان بڪس ۽ ٻين وڪيلن تربيت کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون ڪوششون نه رڳو قانوني ڄاڻ وڌائين ٿيون پر وڪيلن کي سماج ۾ انصاف، برابري ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ سرگرم ڪن ٿيون.سماجي ڪارڪن فرحين مگسي چيو ته عورتن تي ٿيندڙ تشدد جا گهڻا ڪيس رپورٽ ئي ناهن ٿيندا ۽ اڪثر عورتون قانوني سهڪار کان محروم رهنديون آهن، تنهنڪري وڪيلن کي گهرجي ته هو رضاڪاراڻي طور تي ضرورت مند عورتن جي مدد ڪن. ٻئي سماجي اڳواڻ عبيد نوهري چيو ته جيتوڻيڪ عمرڪوٽ کي امن ۽ هم آهنگي جي علامت طور پيش ڪيو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ هتي گهريلو تشدد جي واقعن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جنهن بابت اڪيڊميا کي تحقيق ڪرڻ گهرجي.پروگرام جو اختتام سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب سان ٿيو، جنهن سان شرڪت ڪندڙ وڪيلن جي همٿ افزائي به ڪئي وئي ۽ سندن ڪردار کي رسمي طور سڃاڻپ ڏني وئي.
0 تبصرے