ملير: رزاق آباد لڳ قديمي رهاڪن جي گهرن تي ڪاهه، گهر ڊاهي پٽ، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد

پورٽ قاسم، ٽائون انتظاميا ۽ پوليس اٽالن ڳري مشينري سان چڙهائي ڪري گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا

ملير: رزاق آباد لڳ قديمي رهاڪن جي گهرن تي ڪاهه، گهر ڊاهي پٽ، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رزاق آباد لڳ قديمي رهاڪن جي گهرن تي پورٽ قاسم، ٽائون انتظاميا ۽ پوليس اٽالن جي ڳري مشينري سان گڏيل چڙهائي، گهر ڊاهي پٽ، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد، مشينري جي گوڙ سبب ٻارڙا خوف وچان بيهوش، اسپتال منتقل، ڄاڻايل زمين محترمه بينظير ڀٽو پورٽ قاسم انتظاميا کي هدايت ڪندي اسان جي والد کي تحفي طور ڏياري هئي جنهن جا سمورا دستاويز موجود آهن پورٽ قاسم ۽ ٽائون انتظاميا پوليس اٽالن سان چڙهائي ڪري گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن کي شديد تشدد جو نشانو بڻايو آهي، جيڪڏهن نقصان جو ازالو نه ڪيو ويو ته مين نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين : حنيف هيسباڻي، شريف هيسباڻي جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب : ملير جي علائقي رزاق آباد لڳ هيسباڻي برادري جي گهرن تي پورٽ قاسم، ٽائون انتظاميا ۽ پوليس اٽالن ڳري مشينري سان چڙهائي ڪري گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي جنهن دوران عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد پڻ ڪيو ويو مشينري جي گوڙ سبب ٻارڙا خوف وچان بيهوش ٿي ويا جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو ان موقعي تي حنيف هيسباڻي، شريف هيسباڻي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته صبح سوير پورٽ قاسم ۽ ٽائون انتظاميا گنڊا گردي جي حد ڪري ڇڏي آهي قبضو ڄاڻائي اسان کي گهرن تي ڪاھ ڪئي وئي جڏهن ته ڄاڻايل زمين محترمه بينظير ڀٽو پورٽ قاسم انتظاميا کي هدايت ڪندي اسان جي والد محمد هيسباڻي کي تحفي طور ڏياري هئي جنهن جا سمورا دستاويز موجود آهن مختلف وقتن تي اسان فائل حاصل ڪرڻ لاءِ پورٽ قاسم وياسين پر ڳري رشوت جي گهر ڪئي وئي جيڪا اسان پورهيت ماڻهو نٿا ڏئي سگهون هنن چيو ته هنن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور نقصان جو ازالو نه ڪيو ويو ته مين نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين