English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گلشنِ حديد ۾ ٽٽل روڊ، پاڻي نيڪال جو نظام ناڪارا بڻيل
25 views
|
17th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گندو پاڻي روڊن رستن تي بيهڻ سبب روڊ کنڊر بڻجي ويا، رهواسي پريشان
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشنِ حدید ۾ شهري مسئلا سنگين شڪل اختيار ڪري ويا آهن۔ علائقي جا روڊ ٽٽل آهن، نيڪال جو نظام خراب آهي ۽ عوامي فنڊن هيٺ ڪيا پيا وڃن جي رهواسي سخت پريشان آهن سماجي تنظيم سنڌ سماجي ساٿ موجوده صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي شفافيت ۽ احتساب جو مطالبو ڪيو آهي۔ تنظيم جي چيئرمين غلام نبي مگسي، ايڊووڪيٽ ذيشان قاضي، ممتاز علي ناريجو ۽ سماجي ڪارڪن اياز علي خاصخيلي چيو ته ماڻهن کي بنيادي سهولتن کان محروم رکڻ ظلم آهي۔ايڊووڪيٽ ذيشان قاضي موجب هر سال وڏو بجيٽ رکيو ويندو آهي پر ساڳيون روڊون بار بار ٺهنديون آهن ۽ ٿوري برسات يا کوٽائي بعد ٻيهر ويهي پونديون آهن۔ رهواسين جو الزام آهي ته ترقياتي فنڊز صرف ضايع نٿا ٿين پر کليل عام لٽيا وڃن ٿا تازن ڏينهن ۾ فیز ون جي مرڪزي روڊ غيرقانوني سيوريج جي ڪم سبب ويهي وئي، جنهن سبب هزارين ماڻهو ڪلاڪن تائين گئس کان محروم رهيا۔ ان واقعي کان پوءِ شهرين قومي شاهراهه بند ڪري احتجاج ڪيو، پر ڪنهن به اداري طرفان جاچ نه ٿي ماهرن جو چوڻ آهي ته هي معاملو نااهلي نه پر بدعنواني آهي۔ نامور ماهر تعمير عارف حسن موجب ترقياتي منصوبا بغير شفافيت جي ڏنا وڃن ٿا ۽ بغير جاچ جي مڪمل ظاهر ڪيا وڃن ٿا رهواسين جو چوڻ آهي ته اهڙي صورتحال ۾ سندن زندگي عذاب بڻجي وئي آهي۔ ٽٽل روڊ سبب اسڪولي ٻار ۽ ايمبولينسون متاثر ٿين ٿا، جڏهنتہ بنيادي سهولتن جي کوٽ روزاني زندگي کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي۔ريٽائرڊ اسٽيل ملز ورڪر خليل احمد شڪايت ڪندي چيو اسان ووٽ ته ڏيون ٿا، پر اسان جي زندگي کي اذيتناڪ بڻايو ويو آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jan 2026
•
سندھ
گلشنِ حدید: ذاتی تنازع پر بھائی کی بھائی پر فائرنگ، ساجد بھٹو شدید زخمی، ملزم خالد بھٹو فرار
27th Jan 2026
•
سندھ
پنوں عاقل کے جوڑے کا کراچی میں پسند کی شادی کے بعد احتجاج
27th Jan 2026
•
سندھ
قومی عوامی تحریک کا مرکزی وفد عوامی نیشنل پارٹی کی باچا خان امن کانفرنس میں شریک
27th Jan 2026
•
سندھ
سنده کے معروف گلوکار استاد محمد جمن کی برسی منائی گئی
27th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران 2024ع جي چونڊن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي خلاف 8 فيبروري تي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاج جو فيصلو
27th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار
27th Jan 2026
•
سندھ
گلشنِ حدید: ذاتی تنازع پر بھائی کی بھائی پر فائرنگ، ساجد بھٹو شدید زخمی، ملزم خالد بھٹو فرار
27th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گلشنِ حديد: ذاتي تڪرار تان ڀاءُ جو ڀاءُ تي فائرنگ، ساجد ڀٽو سخت زخمي، جوابدار خالد ڀٽو فرار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
گلشنِ حدید ۾ شهري مسئلا سنگين
0 تبصرے