شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ممتا پروگرام بابت گڏجاڻي

"ممتا پروگرام" سنڌ سرڪار جي ٻين پروگرامن لاءِ پڻ سهڪاري ثابت ٿي رهيو آهي: شڪيل احمد ابڙو

شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ممتا پروگرام بابت گڏجاڻي

شڪارپور ( احسان ابڙو ) سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام بابت شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ٿي گذري.تفصيل موجب سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام بابت شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ٿي گذري. جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته "ممتا پروگرام" هڪ جامع پروگرام آهي جيڪو سنڌ سرڪار جي ٻين پروگرامن لاءِ پڻ سهڪاري ثابت ٿي رهيو آهي. تازو ئي سنڌ جي وڏي وزير ممتا پروگرام جو دائرو سنڌ جي وڌيڪ ضلعن تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي، نه صرف ايترو پر پروگرام ۾ داخل ٿيندڙ مائرن جي مالي سهائتا جي رقم ۾ پڻ اضافو ڪيو آهي، جيڪو خوش آئند عمل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ممتا پروگرام جي ڪاميابي لاءِ سمورا اسٽيڪ ھولڊرز اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ھدايت جاري ڪئي تہ ممتا پروگرام جي تشهير کي وڌايو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ خواتين پروگرام ۾ داخل ٿي سگهن. گڏجاڻي دوران لاڳاپيل عملدارن پاران ممتا پروگرام جي اثرائتي عملداري بابت مختلف رٿون پڻ پيش ڪيون ويون. گڏجاڻي ۾ سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام بابت ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر زاهد حسين ڏھوٽ پروگرام متعلق تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته عالمي بينڪ جي تعاون سان صوبي سنڌ جي 15 ضلعن ۾ ممتا پروگرام ڪاميابي سان جاري آهي ۽ ضلعي شڪارپور جي 30 صحت مرڪزن تي اها سهولت موجود آهي. ضلعي ۾ 40 هزار عورتون پروگرام ۾ شامل ٿي چڪيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پروگرام ۾ رجسٽر ٿيل عورتن کي پاليسي موجب مالي سھائتا ادا ڪئي ويندي آهي ۽ اها رقم بينڪ الفلاح جي ايجنٽس ذريعي ڏني وڃي ٿي. ڪنهن به ڪٽوتي يا پروگرام متعلق شڪايت جي صورت ۾ هيلپ لائن 1054 يا ويب سائيٽ www.sspa.gos.pk تي پڻ شڪايت ڪري سگهجي ٿي. گڏجاڻي ۾ نادرا ۽ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ کي ممتا جي ڪلائنٽس کي ترجيحي بنيادن تي سروس مهيا ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر نادر علي پنهور، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي حيدر علي شاھ، اين اسٽاپ، ڊبليو ايڇ او جي نمائندن، آر ايم اين سي ايڇ، فوڪل پرسن اي پي آئي، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ، ڊپٽي ڊائريڪٽر نادرا، سرسو ڪوآرڊينيٽر ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.