شڪارپور سميت اتر سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي سنگين بڻجي وئي آهي: علامه راشد محمود سومرو

شڪارپور جي جهاز چوڪ تي "سنڌ امن ڪارروان جلسو"ڪوٺايو ويو

شڪارپور سميت اتر سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي سنگين بڻجي وئي آهي: علامه راشد محمود سومرو

شڪارپور ( احسان ابڙو) شڪارپور سميت اتر سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڌندڙ بدامني,ڀنگ لاء اغوا ڦرلٽ,ڌاڙن,۽ قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاء جمعيت علماء اسلام سنڌ طرفان شهر شڪارپور جي جهاز چوڪ تي "سنڌ امن ڪارروان جلسو"ڪوٺايو ويو,جلسي جي صدارت جي يو آء جي صوبائي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي ڪئي,ان موقعي تي علامه راشد محمود سومرو, ۽ ٻين جلسي جي شرڪاء سان خطاب ڪندي چيو ته شڪارپور سميت اتر سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي سنگين بڻجي وئي آهي, ڦرلٽ,ڌاڙا, ڀنگ, لاء اغوا چورين سميت ڏوهي وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن, واپاري برادري گهرن ۽ بازارن ۾ غير محفوظ آهي، انڊس هاء وي تي سفر نه ٿا ڪري سگهئون,جڏهن ته قبائلي جهيڙن ڪيترائي خاندان اجاڙي ڇڏيا آهن, هن الزام هنيو ته لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن هٿيارن جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪا آهن،اينٽي ايئر گرافٽ گن سميت هر قسم جو جديد هٿيارڏوهارين وٽ موجود آهي, پر اهي جديد هٿيار ڌاڙيلن تائين ڪيئن پهچن ٿا ۽ ڪنهنجي نالي سان فراهم ڪياوڃن ٿا . ? اهو هڪ اهم سوال آهي,هن چيو ته 2023 کان اڄ تائين 06 ارب روپيا آپريشن جي نالي تي سنڌ حڪومت خرچ ڪيا آهن, پر ان باوجود امن قائم نه ٿي سگهيو آهي,جيڪو هڪ سواليا نشان آهي هن حڪومتي دعوائن کي "ڪوڙيون پريس ڪانفرنسون" قرار ڏيندي چيو ته سنڌ جي عوام جعلي مينڊيٽ سان آيل حڪومت کي اڳ ئي رد ڪري چڪي آهي,جعلي مينڊيٽ تي ويٺل حڪمران خبر ناهي ته عوام کي ڪهڙي ڏوھه جي سزا ڏيئي رهيا آهن,هن چيوته عوام هاڻي ڪوڙن دلاسن ۾ نه ايندو هن چيوته مان وزير اعظم سامهون جوائنٽ آپريشن جي ڳالھ ڪئي ته وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه مخالفت ڪئي ته حالتون بهتر آهن, هن چيو ته مان وزير اعلي کي چيلينج ڪري چوان ٿو ته هو مغرب کان بعد پنهنجي پٽ کي خانپور کان تنگواڻي تائين بنا سڪيورٽي جي موڪلي ته کيس خبر پئجي ويندي ته ڪيتريون حالتون بهتر آهن,علامه سومرو وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ بدامني ختم ڪرڻ لاءِ سکر ۾ ٻه ڀيرا امن ڪانفرنس ڪوٺائي ۽ 130 وڏيرن ۽ سردارن کي دعوت ڏني، پر ان باوجود پي پي سان لاڳاپيل ڪوبه سردار يا نمائندو شريڪ نه ٿيو,سنڌ حڪومت جا جعلي نمائندا صرف ڪرپشن ڪرڻ ۾ رڌل آهن, روڊن ۽ رستن جي حالت ايتري خراب آهي جو ڪو ٻاهران چڪر هڻي واپس گهر اچي ته انجي خراب حالت سبب کيس گهر ڀاتي به نه ٿا سڃاڻي سگهن,هن چيوته وقت جي حڪمرانن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته جي يو آء ڪڏهن به عوام کي ڏکين حالتن ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي,جلسي ۾ اهو به اعلان ڪيو ويو ته امن ڪاروان جو آغاز ڪنڌڪوٽ کان ڪيو ويو آهي جيڪو 18 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس جي سامهون احتجاجي جلسي ۾ تبديل ٿيندو جنهنکي جمعيت علماءِ اسلام جو سربراهه مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندو ۽ اسان سڀ گڏجي وقت جي حڪمرانن کان امن جي گهر ڪنداسين اڳواڻن وڌيڪ چيوته سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ لاقانونيت تي ڪڏهن به خاموش نه ويهنداسين,ان موقعي تي، مولانا عبدالقيوم ھاليجوي ،مولانا سيد سراج احمد شاه امروٽي,مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو,ڊاڪٽر عبدالقيوم سومرو, امير علي جتوئي,۽ مفتي سعود افضل هاليجوي, مولانا عبدﷲ مهر,مولانا محمد طيب ميکو,حافظ رفيق احمد شر، سميت شڪارپور ,جيڪب آباد,خيرپور, ۽ ڪشمور جا ضلعي اڳواڻ پڻ موجود هئا.