پيپلز پارٽي ھميشه پنھنجي ڪارڪنن کي عزت ڏني آھي، قيادت پاران ڪيل اعتماد تي پورو لهندس: رفيق احمد جمالي
ڄامشورو/دادو (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر رفيق احمد جمالي کي پارٽي جي اعليٰ قيادت پاران پيپلز پارٽي سنڌ جو نئون جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جنھن تي سڄي سنڌ ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي ويئي. ھن اهم مقرري جي موقعي تي پارٽي ڪارڪنن، عهديدارن، جمالي برادري جي معززن ۽ عام ماڻهن پاران ڄامشوري کان دادو تائين فقيدالمثال ريلي ڪڍي وئي، جتي اڳواڻ جو والهانه آجيان ڪيو ويو.ريلي ڄامشوري کان شروع ٿي، جتي هزارين ڪارڪنن گلن جي ورکا سان، پيپلز پارٽي جي ترانن ۽ نعرن جي گونج ۾ رفيق احمد جمالي جو شاندار استقبال ڪيو. ڪيترن ئي هنڌن تي استقباليه ڪيمپون لڳايون ويون، جتي ڪارڪنن پارٽي جي جهنڊن سان ڀرپور جوش ۽ جذبي جو مظاهرو ڪيو. گاڏين، موٽرسائيڪلن ۽ بسن تي ٻڌل ھزارين ماڻهن جي قافلي دادو ڏانھن روانا رھيا، جنھن سبب رستا عوامي ميلي جو ڏيک ڏيندا رھيا.ريلي دوران مختلف جڳھن تي مختصر خطاب ٿيا، پر مرڪزي خطاب دادو شھر پھچڻ تي ٿيو، جتي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي رفيق احمد جمالي چيو “پاڪستان پيپلز پارٽي ھميشه پنھنجي ڪارڪنن کي عزت ڏني آھي. مون تي جيڪا ذميواري وڌي وئي آھي، اھا مون لاءِ اعزاز به آھي ۽ وڏي ذميواري به. اڳي به پارٽي جي اعتماد تي پورو لٿو آھيان، ۽ ھاڻي به عوام ۽ پارٽي جي خدمت کي جاري رکندس.” ھن وڌيڪ چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ برساتن سبب آيل ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ سنڌ حڪومت کي هدايتون جاري ڪيون ته متاثر ماڻهن جي مڪمل مدد ۽ بحالي کي يقيني بڻايو وڃي. رفيق احمد جمالي پارٽي ڪارڪنن جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته، “سنڌ پيپلز پارٽي جو قلعو آهي ۽ ڪارڪن ئي پارٽي جو اصل اثاثو آهن.” هن اعلان ڪيو ته هو پارٽي جي تنظيم سازي، عوامي مسئلن جي حل، ۽ ڪارڪنن کي فعال ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻندو. ريلي جو اختتام دادو ۾ عوامي جلسي تي ٿيندو، جتي جمالي برادري جا معزز، پارٽي جا ضلعي ۽ تعلقي سطح جا اڳواڻ، چونڊيل نمائندا، نوجوان، عورتون ۽ بزرگن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئی۔ رفيق احمد جمالي جي جنرل سيڪريٽري طور مقرري تي ڄامشوري کان دادو تائين ڪڍيل ريلي، گلن جي ورکا، نعريبازي ۽ جوش ۽ جذبي سان ڀرپور ماحول، ھن سياسي واقعي کي تاريخي رنگ ڏئي ڇڏيو.
0 تبصرے