عمرڪوٽ ۾ فقير محمد جادم مڱريو جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ

پھرين ميچ ۾ مرشد ڪرڪيٽ ڪلب رائيزنگ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب کي شڪست ڏئي ڇڏي

عمرڪوٽ ۾ فقير محمد جادم مڱريو جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ فقير محمد جادم مڱريو جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع، دلچسپ مقابلا جاري. عمرڪوٽ ڀرسان ويھرو شريف ۾ چيمپيئنز ليگ طرفان فقير حاجي محمد جادم منڱريو جي ياد ۾ چوٿون ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع ٿي ويو آھي ٽورنامينٽ جو پھريون ميچ مرشد ڪرڪيٽ ڪلب ۽ رائيزنگ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب جي وچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد مرشد ڪرڪيٽ ڪلب کٽي ورتو ٿيندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو افتتاح حفصه ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ايم ايس ايف جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فقير محب منڱريو ۽ الفقراء محمد رحيم مھر طرفان ڪيو ويو افتتاحي تقريب بعد پھريون ميچ مرشد ڪرڪيٽ ڪلب ۽ رائيزنگ اسٽار جي وچ ۾ ڪانٽي جو مقابلو ٿي گذريو جنهن ۾ رائيزنگ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب جي ڪپتان حسن سميجو ٽاس کٽي پھرين بيٽگ جو فيصلو ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 163 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جنهن جي جواب ۾ مرشد ڪرڪٽ ڪلب جي بھترين رانديگر نواز جان جي 17 بالن ۾ 59 رنسن جي نمايان ڪارڪردگي جي مدد سان مرشد ڪرڪيٽ ڪلب 9.1 اوورن ۾ حدف مڪمل ڪري پھاڙ جيڏو ٽارگيٽ چيز ڪري سنسي خيز مقابلو پنهنجي نانء ڪيو آخر ۾ ايم ايس جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فقير محب منڱريو مرشد ڪرڪيٽ ڪلب جي نوجوان رانديگر نواز جان ڪنڀر کي نمايان ڪارڪردگي تي مين آف دي ميچ جي ٽرافي ڏني ويئي آرگنائيزرن فقير شھزاد منڱريو ۽ فقير راشد منڱريو جي آرگنائيزيشن ۾ 15 ڏينهن تي مشتمل چوٿين وھرو چيمپيئنز ليگ جي فائنل ۾ فنڪشنل ليگ جو صوبائي نائب صدر فقير حاجي خضر حيات منڱريو ۽ اڳوڻو ايم اين اي لال مالھي مھمان خاص طور شرڪت ڪندا