شڪارپور ۾ بروھي - شيخ تڪرار تان فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي

چڻنگي مقام وٽ هٿياربندن ڏاڏو شيخ جي گهرن تي فائرنگ ڪري ڏني

شڪارپور ۾ بروھي - شيخ تڪرار تان فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي

شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور سٽيء ۾ بروھي ۽ شيخ برادرين جي ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار جي نتيجي ۾ مرحوم واحد بخش عرف واحدو بروھي جي ڌر بروھي برادري جي لاتعداد ھٿياربندن چڻنگي مقام لڳ ڏاڏو شيخ جي گھرن مٿان شديد فائرنگ ڪرڻ جي نتيجي ۾ شيخ برادري جا 2 نوجوان . عمران علي پٽ علي نواز شيخ ۽ لالو پٽ مٺل شيخ شديد زخمي ٿي پيا جنھن بعد شيخ برادري جي ڪيترن ئي ھٿياربندن سول اسپتال لڳ بروھي ڪالوني تي چڙھائي ڪندي ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا شديد فائرنگ ڪرڻ تي بروھي برادري جو ڪوئي به جاني نقصان ڪون ٿيو ۽ شيخ برادري جا ماڻھو فائرنگ ڪري واپس وري ويا . ھوڏانھن وچ شھر جي ابادي وارن علائقن م کليل فائرنگ جي نتيجي ۾ ماڻھن ۾ خوف ۽ حراس ڇانئجي ويو آھي ۽ ٻنھي علائقن جا ماڻھو گھرن ۾ بند ٿي ويا اھن . جڏھن ته شھر ۾ ھيڏي وڏي واقعي کي ڏسندي پوليس ڪٿي بہ نظر نه آئي