منور عباس سومرو عملدارن سان گڏ ٽٽل پل جو معائنو ڪيو ۽ سموري صورتحال جو جائزو ورتو
ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو لاڳاپيل عملدارن سان گڏ آر ڊي 147 ڄام ساڪرو آئوٽ فال گل منڊا جو دورو ڪري ٽٽل پل جو معائنو ڪيو ۽ سموري صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن لاڳاپيل آفيسرن ۽ انجنيئرن کي هدايت ڪئي ته پل کي فوري طور تي ٻيهر تعمير ڪري جلد کان جلد ڳوٺ جو رابطو بحال ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميا جي اولين ترجيح آهي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڊرينيج ڊويزن ٺٽو جا نمائندا پڻ موجود هئا.
0 تبصرے