ملير(ڊي ڪي شر) ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ملير جي زيرِ نگراني فلاحي مرڪز يوسف ڳوٺ ۾ ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر ملير محمد دين منگي جي سربراهي ۾ فيملي هيلٿ ميلي جو اهتمام ڪيو ويو۔جنھن ۾ ڊسٽرڪٽ آفيس ملير جي ٽيم امتياز احمد ميمڻ، ڊاڪٽر عظميٰ ڪنول، ارشاد احمد ٻرڙو، حسين شاهه، سينٽر انچارج نازش فاطمه ۽ سندن ٽيم، ٽي سي آءِ ٽيم طرفان كامران،فرحان ۽ ماروي اين جي او پاران عرفان ۽ ٻيا به موجود هئا۔فيملي هيلٿ ميلي ۾ سوين ماڻهن کي تجربيڪار ڊاڪٽرن جي نگرانيءَ هيٺ مفت دوائون، فائديمند مشورا ۽ صحتِ عامه جون سهولتون مفت فراهم ڪيون ويون۔ انھي موقعي تي ماروي تنظيم پاران اسٽال پڻ لڳايو ويو۔فيملي ھيلٿ ميلي جي ڪامياب پروگرام ڪرڻ تي ڊسٽرڪٽ آفيسر ملير محمد دين منگي سموري ٽيم کي مبارڪباد ڏني ۽ سڀني جي پروگرام جي حوالي سان ڪيل ڪوششن جي واکاڻ ڪئي۔
0 تبصرے