عمرڪوٽ ۾ پ پ اڳواڻ ڪامريڊ نندلال مالهي جي 61 هين سالگرهه تقريب منعقد

سول سوسائٽي، مالهي برادري جي معززين، پ پ جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي

عمرڪوٽ ۾ پ پ اڳواڻ ڪامريڊ نندلال مالهي جي 61 هين سالگرهه تقريب منعقد

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پيپلزپارٽي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر، ليکڪ،ڪامريڊ نندلال مالهي جي 61 هين سالگرهه جي تقريب بيٺلاڻي هائوس عمرڪوٽ ۾ ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ عمرڪوٽ جي سول سوسائٽي، مالهي برادري جي معذزين ۽ پ پ پ جي ڪارڪنن ۽ ورڪرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پ پ پ مينارٽي ونگ ضلعي صدر بنسي مالهي،مدن لال سوماڻي، سماجي اڳواڻ، غلام مصطفي کوسو، ڌرمداس بيٺلاڻي، ڊاڪٽر خوشحال هرچنداڻي، ڌرمداس نرڀاڻي، مالهي شنڪر سنڌي ۽ ٻين پاران ڪامريڊ نندلال مالهي کي اجرڪن ۽ گلن جا هار پهرايا ويا ۽ سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي ڪامريڊ نندلال مالهي چيو ته مون زندگي جا 45 سال جدوجهد سياست کي ڏنا آهن. زندگي سنڌ ۽ سنڌ جي پورهيت عوام جي حقن لا۽ جدوجهد ڪئي آهي. مون پنهنجي سياست جي شروعات بدترين آمر جنرل ضیاءالحق جي دور ۾ ڪئي جڏهن سنڌ ۾ جنرل ضیاء جو سياست ۽ سياسي ڪارڪن جي خلاف ڏاڊ، ظلم ۽ جبر ٿي رهيو هو. هن وقت ٿر ۾ سياست جو ڪو وجود نظر ڪونه پہ آيو. ٿر ۾ اسان مزاحمتي ۽ احتجاجي سياست جا بنياد رکيا. ماڻهن ۾ سياسي سڄاڳي آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن چيو ته منهنجي سياست جو محور سنڌ ۽ سنڌ جو پورهيت عوام رهيو آهي. آئون جڏهن قومپرست پارٽي ۾ سياست ڪندو هئس تڏهن به سنڌ ۽ سنڌ جي پورهيت عوام لا۽ جدوجهد ڪئي ۽ اڄ پيپلزپارٽي ۾ به سنڌ ۽ سنڌ جي پورهيت عوام جي حقن لا۽ آواز اٿارڻ لا۽ پنهنجي ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته پ پ پ ۾ مذهب، رنگ نسل، ذات پات جي بنياد تي سياست جي ڪابه گنجائش ڪونه آهي. مذهب، ذات پات ۽ نسل جي بنياد تي سياست ڪرڻ سان نفاق ۽ نفرتون وڏن ٿيو. هن چيو ته سياست سياسي فلسفي جي بنياد تي ڪرڻ کپي. هن چيو ته آئون پيپلزپارٽي جي پليٽفارم تان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لا۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکندس. تقريب کي پ پ پ مينارٽي ونگ جي ضلعي صدر بنسي مالهي خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ نندلال مالهي جهڙن ڪردارن تي فخر آهي جن پنهنجي سموري زندگي سنڌ جي ماڻهن جي حقن لا۽ جدوجهد ڪندي گذاري ڇڏي. اهڙن ڪردارن کي زندگي ۾ ئي اسان کي مان ڏيڻ گهرجي ۽ قدر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪامريڊ نندلال مالهي جو ڪردار اسان لا۽ اتساهيندڙ آهي. هن پنهنجي سياسي جدوجهد ۾ تمام گهڻو قربانيون ڏنيون آهن، جيلن ۽ ٿاڻن جون تڪليفون برداشت ڪيون آهن. اسان کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ لاء گڏ ٿيا آهيون. تقريب کي سماجي اڳواڻ غلام مصطفي کوسو خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ نندلال مالهي پنهنجي سياست جي شروعات شاگرد سياست تان ڪئي، اسان ڪامريڊ نندلال مالهي کي شاگرد سياست توڙي عوامي سياست ۾ هميشه اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندي ڏٺو آهي ۽ سياسي جدوجهد ۾ هميشه اڳڀرو رهيو آهي. تقريب کي ڌرمداس بيٺلاڻي، ڊاڪٽر خوشحال هرچنداڻي، مدن لال سوماڻي ۽ ٻين پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ڪامريڊ نندلال مالهي کي ڀيٽا پيش ڪئي.