عمرڪوٽ ۾ به ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ جلوس برآمد، يا حسين عه جون صدائون بلند

عمرڪوٽ ۾ به ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ جلوس برآمد، يا حسين عه جون صدائون بلند

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جون فضائون هڪ ڀيرو ٻيهر ڪربلا جي ياد ۾ اشڪبار بڻجي ويون، جتي يوم عاشور جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاه پنج پير مان برآمد ٿي مقرر ٿيل رستن تان ٿيندو واپس امام بارگاه تي پهچي پورو ٿيو، شهر جي گلين ۽ بازارن ۾ "يا حسينؑ" جون صدائون گونجي رهيون هيون ۽ هر طرف سوڳ ۽ عقيدت جو منظر هو، جلوس ۾ شريڪ مؤمنن زنجير زني، سينا زني ۽ نوحه خواني ذريعي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي، هي جلوس پنهنجي روايتي روٽ يعني ڪهيري امام بارگاه، نبن سرڪار، حيدري امام بارگاه، انب جو پڙ، شاهي بازار، موتي چوڪ ۽ مارڪيٽ چوڪ تان ٿيندو واپس پنج پير امام بارگاه تي مغرب نماز جي وقت پهتو، جتي شام غريبان جي هڪ انتهائي روح پرور مجلس منعقد ڪئي وئي، ناليواري ذاڪر فدا حسين زيداني دلگداز خطاب ڪيو، جنهن سان مؤمنن جون اکيون آليون ٿي ويون ۽ "يا حسينؑ" جون صدائون هر طرف ٻڌڻ ۾ آيون، يوم عاشور جي موقعي تي عمرڪوٽ ۾ سڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا هئا، ايس ايس پي عمرڪوٽ عزير احمد ميمڻ جي نگراني هيٺ 900 کان وڌيڪَ پوليس اهلڪار، 100 رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته پاڪ فوج کي به الرٽ رکيو ويو، جلوس جي روٽن تي سي سي ٽي وي ڪئميرا لڳائي نگراني ڪئي وئي، ايس ايس پي آفيس ۾ هڪ خاص ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو، جتان جلوس جي سڪيورٽي صورتحال جي مسلسل نگراني ڪئي وئي، عمرڪوٽ ضلعي جي چارن تعلقن ۾ ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز پاڻ سيڪيورٽي جي نگراني ڪندا رهيا، جلوس جي هر روٽ کي صاف قرار ڏيڻ بعد ئي جلوس کي روانو ڪيو ويو، شهر ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ موبائيل سروس به جزوي طور معطل ڪئي وئي، ان موقعي تي ضلعي جي مختلف هنڌن تي 210 کان وڌيڪَ مجلسون منعقد ٿيون، جڏهن ته 33 کان وڌيڪَ امام بارگاهن ۾ عزادارن شرڪت ڪئي، شهر ۾ هر هنڌ سبيلون، نياز جا اسٽال ۽ ماتمي انجمنون سرگرم رهيون، جيڪي ڪربلا جي ياد کي تازي ڪري رهيون هيون، ميونسپل ڪاميٽي عمرڪوٽ، واپڊا، صحت کاتي ۽ ٻين ادارن جا عملدار به پنهنجا فرض بخوبي نڀائيندي نظر آيا، جلوس جي رستن تي صفائي ۽ طبي سهولتن کي يقيني بڻايو ويو، عمرڪوٽ جي عوام نظم و ضبط، امن، ڀائيچاري ۽ انتهائي عقيدت سان يوم عاشور ملهايو، جيڪو هم آهنگي ۽ مذهبي رواداري جي هڪ خوبصورت مثال بڻجي سامهون آيو.