عمرڪوٽ ۾ 7 محرم الحرام تي مرڪزي ماتمي جلوس برآمد، يا حسين عه جون صدائون بلند

ماتمي جلوس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، عزادارن پاران ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

عمرڪوٽ ۾ 7 محرم الحرام تي مرڪزي ماتمي جلوس برآمد، يا حسين عه جون صدائون بلند

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) نَواساءِ رسول حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس لَختِ حضرت علي اصغر جي ڪربلا جي ميدان ۾ ڏنل لازوال قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ عمرڪوٽ ۾ 7 محرم الحرام تي مرڪزي ماتمي جلوس وڏي عقيدت، احترام ۽ سوز سان برآمد ٿيو، جلوس نبن سرڪار امام بارگاهه مان برآمد ٿي مقرر روايتي رستن شاهي بازار، ڪهري امام بارگاهه، مارڪيٽ چوڪ ۽ ٻين هنڌن تان ٿيندو مرڪزي امام بارگاه پنج پير تي پهتو، مختلف علائقن مان ننڍن وڏن جلوسن جي مرڪزي جلوس سان گڏجڻ کان پوءِ اهو هڪ وڏي جلوس جي شڪل اختيار ڪري ويو، جتي عزادارن زنجير زني، نوحا خواني ۽ ماتم ذريعي شهيدنِ ڪربلا کي ڀيٽا پيش ڪئي، جلوس جي رستن تي مومنن پاران سبيل جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آھن، جتي هزارين عزادارن لاءِ پاڻي، شربت جي ورڇ جو سلسلو جاري آھي، جلوس ۾ علم پاڪ، ذوالجناح ۽ جهولا پڻ موجود هئا، جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا، پوليس، المعدي اسڪائوٽ، البعاث اسڪائوٽ سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار جلوس جي رستن تي مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته جلوس جي داخلي ۽ خارجي رستن کي مڪمل طور تي بند ڪيو ويو، ايس ايس پي عمرڪوٽ عزير احمد ميمڻ جي نگراني هيٺ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو، جتان جلوس جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وئي، محرم الحرام جي آغاز کان وٺي عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف شهرن، ڳوٺن ۽ امام بارگاهن ۾ مجلسن، نياز ۽ لنگر جو سلسلو جاري آهي، مؤمن وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿي رهيا آهن، امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين جي ياد ۾ هر گهٽي، هر چوڪ تي عقيدت مندن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان آهي، نئون ڏه محرم الحرام تي عمرڪوٽ سميت پوري ضلعي ۾ تاريخي ماتمي جلوس برآمد ٿيندا، جن جي سيڪيورٽي لاءِ ، پوليس، ٽريفڪ اهلڪار ۽ رضاڪارن جا خاص انتظام ڪيا ويا آهن، ته جئين ڪو به ناخوشگوار واقعو پيش نه اچي. عمرڪوٽ ماتمي جلوس جي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا جلوس جي داخلي ۽ خارجي رستن کي مڪمل طرح سيل ڪري پوليس اهلڪار جي دستن سان گڏ المعدي اسڪائوٽ ۽ البعاس اسڪائوٽ جا رضاڪار جلوس جي نگراني ڪري رهيا آهن.جلوس جي نگراني لاءِ ايس ايس پي آفيس ۾ هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي جنهن جي نگراني ايس ايس پي عزير احمد ميمڻ پاڻ ڪري رهيا آهن