عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم "ٿر ايجوڪيشن الائنس" ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف لٽريسي اينڊ نان فارمل ايجوڪيشن تعليم کاتو حڪومت سنڌ جي گڏيل تعاون سان عمرڪوٽ جي غير رسمي تعليمي مرڪزن (ALP سينٽرز) ۾ ڪم ڪندڙ سهولتڪارن لاءِ چار ڏينهن تي مشتمل تربيتي پروگرام منعقد ڪيو ويو، هن تربيت دوران نصاب پيڪيج A تحت سنڌي، انگريزي ۽ رياضي جا بنيادي سبق آسان ۽ دلچسپ طريقي سان ٻارن کي پڙهائڻ جون مختلف سرگرميون ڪرائيون ويون، ان تربيت ۾ رول پلي، شڪلين ۽ آوازن ذريعي سيشنز ڪرائيا ويا ته جيئن سکندڙ آسانيءَ سان سمجهي سگهن، ان موقعي تي غير رسمي تعليم کاتي سنڌ جي ضلعي ڪوآرڊينيٽر شمس الدين راٺوڙ، ٿر ايجوڪيشن الائنس عمرڪوٽ جو پروجيڪٽ مينيجر سارنگ رام سوٽھڙ، ونود شرما ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مهمانن تربيتي سيشنز دوران شرڪت ڪندڙن سان سوال جواب به ڪيا ۽ انهن جي حوصلا افزائي پڻ ڪئي، ان موقعي تي ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جي وائيس چيئرمين ۽ تعليم لاءِ فوڪل پرسن ميان خالد والهاري چيو ته معزز تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي هدايتن جي پيروي ڪندي سنڌ حڪومت اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي سکيا ۾ واپس آڻڻ لاءِ روايتي ۽ غير روايتي تعليم جي ذريعن وسيلي پرعزم آهي، هن واضح ڪيو ته هاڻ سڀني فيسيلٽيٽرز جي ذميواري آهي ته هو برادرين ۽ خاندانن کي تعليم لاءِ همٿائين، جيئن هر ٻار کي سکيا جا موقعا حاصل ٿي سگهن، ان موقعي تي پروجيڪٽ مينيجر سارنگ رام سوٽھڙ ٻڌايو ته سينسز کاتي جي سال 2023-2024 جي سروي مطابق عمرڪوٽ ضلعي ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو انگ 212,728 آهي، هن وڌيڪ چيو ته ٿر ايجوڪيشن الائنس عمرڪوٽ جا 40 نان فارمل سينٽر ھلندڙ آهن، جتي 1245 ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جڏھن ته حڪومت سنڌ طرفان هن پروگرام کي وڌيڪ وڌايو پيو وڃي ته جيئن اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻي انھن کي بھتر تعليمي موقعا فراهم ڪيا وڃن، ان موقعي تي ٽرينر غلام رسول، رنجيت ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
0 تبصرے